مٿانهين پنجاب، مٿانهين/ وچولي خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ پوٺوهار خطي ۾ تيز هوائن، آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين پنجاب، مٿانهين/ وچولي خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ پوٺوهار خطي ۾ موسم جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن، آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، ان دوران ڪجهه هنڌن تي وچولي کان تيز برسات ۽ ڳڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق اڄ (اڱاري ڏينهن) ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم …

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين پنجاب، مٿانهين/ وچولي خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ پوٺوهار خطي ۾ موسم جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن، آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، ان دوران ڪجهه هنڌن تي وچولي کان تيز برسات ۽ ڳڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق اڄ (اڱاري ڏينهن) ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ، جڏهن ته سنڌ ۽ ڏکڻ بلوچستان ۾ شديد گرم رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مٿانهين پنجاب، مٿانهين خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ پوٽوهار خطي ۾ موسم جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن، آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي، جڏهن ته ڏاکڻين علائقن ۾ شديد گرم رهي، مٿانهين/ وچولي پنجاب، پوٽوهار خطي، مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن، آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات پئي.