اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان وچ اوڀر تڪرار جي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ذاتي نمائندي جين آرنالٽ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب آرنالٽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيندي گهري قدرداني جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل …
نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار سان وچ اوڀر تڪرار لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ذاتي نمائندي جين آرنالٽ جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان وچ اوڀر تڪرار جي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ذاتي نمائندي جين آرنالٽ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب آرنالٽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيندي گهري قدرداني جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ذاتي نمائندي سان خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مختلف ڌرين سان پاڪستان جي جاري سفارتي ڪوششن ۽ مسلسل رابطن تي روشني وڌي. هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن ۽ مستقل حمايت تي دلي ٿورن جو اظهار پڻ ڪيو.











