اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته حڪومت صنعتي ترقي، روانگي واپار تي ٻَڌل مينيوفيڪچرنگ ۽ ويليو ايڊيشن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي، جڏهن ته پاليسي سازي کي صنعتي شعبي جي عملي ضرورتن ۽ زميني حقيقتن سان هم آهنگ رکيو ويندو. هن اها ڳالهه نيشنل اسٽيل ڪامپليڪس لميٽيڊ جي وفد سان ملاقات دوران چئي. جنهن ۾ صنعتي چٽاڀيٽي، ٽيرف …
حڪومت صنعتي ترقي، روانگي واپار تي ٻَڌل مينيوفيڪچرنگ ۽ ويليو ايڊيشن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي: ڄام ڪمال خان

مزید خبریں
اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته حڪومت صنعتي ترقي، روانگي واپار تي ٻَڌل مينيوفيڪچرنگ ۽ ويليو ايڊيشن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي، جڏهن ته پاليسي سازي کي صنعتي شعبي جي عملي ضرورتن ۽ زميني حقيقتن سان هم آهنگ رکيو ويندو. هن اها ڳالهه نيشنل اسٽيل ڪامپليڪس لميٽيڊ جي وفد سان ملاقات دوران چئي. جنهن ۾ صنعتي چٽاڀيٽي، ٽيرف اسٽرڪچر، ويليو ايڊيڊ مينيوفيڪچرنگ، اسٽيل ۽ انجنيئرنگ جي شعبي کي درپيش مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد، واپار واري وزير کي ڪچي مال، انٽرميڊيئيٽ شين ۽ ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز (اي پي زيڊز) ۾ تيار ڪيل شين تي لاڳو موجوده ڊيوٽي اسٽرڪچر بابت خدشن کان آگاهه ڪيو. وفد ٻُڌايو ته ٽيرف ايريا ۾ ڪچي مال جو آمدني واپار ڪندڙ صنعتن کي آمدني واپار جي مرحلي ۾ ڪسٽم ڊيوٽي ادا ڪرڻي پوي ٿي، جڏهن ته اي پي زيڊز ۾ پراسيسنگ يا ويليو ايڊيشن کانپوءِ اهي ئي شيون ٻيهر ٽيرف ايريا ۾ اچڻ تي واڌو ڊيوٽيز کي مُنهن ڏيڻو پوي ٿو. وفد موجب موجوده نظام صنعتي شين تي ٻٽي ٽيڪس جي هڪجهڙائي آهي، جنهن سان مشيننگ، لائننگ، ڪوٽنگ، فيبريڪشن ۽ ٻي ويليو ايڊڊ صنعتي سرگرمين سان واڳيل صنعتن جي پيداواري لاڳت ۾ واڌ ٿي رهي آهي. وفد تجويز ڏني ته ڊيوٽيز کي تيار ٿيل شين جي مجموعي ماليت تي لاڳو ڪرڻ بدران صرف اي پي زيڊ ۾ پيدا ٿيل اضافي ويليو تي ڪيو وڃي. ملاقات دوران شرڪت ڪندڙن ڪسٽمز ويلو ايشن، پراسيس ٿيل شين جي درجابندي ۽ صنعتي پراسيسنگ دوران ويليو ايڊيشن جي تعين بابت فني پيچيدگين تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي واضح ڪيو ته اين ٽي سي ٽيرف بابت معاملن تي فني ۽ مشاورتي معاونت فراهم ڪندڙ ادارو آهي، جڏهن ته ڪسٽمز ويليو ايشن، صنعتي لاڳت ۽ ضابطه جاتي لاڳو ڪرڻ جهڙا معاملا لاڳاپيل اداره دائره اختيار ۾ اچن ٿا. وفد واپار واري وزير کي ڊگهي مُدي واري صنعتي رٿائن کي درپيش مسئلن، وڌندڙ توانائي لاڳت، تبديل ٿيندڙ ٽيرف اسٽرڪچر ۽ موجوده معاشي حالتن سبب صنعتن تي وڌندڙ مالي بار کان به آگاهه ڪيو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت صنعتي شعبي جي مسئلن جي حل لاءِ سمورن لاڳاپيل ڌُرين سان مشاورت جاري رکندي ته اهڙا عمل جوڳا ۽ شفاف طريقيڪار واضح ڪري سگهجن جيڪي صنعتي ترقي ۽ ضابطه جاتي گهرجن وچ ۾ توازن قائم رکي سگهن. ملاقات ۾ صنعتي تياري، مشينري جي خريداري، ڪنٽريڪٽرز جي گڏيل سهڪار ۽ ملڪ ۾ صنعتي منصوبن جي اثرائتو لاڳو ڪرڻ ۽ واڌ لاءِ گهربل اداره جاتي سهولتڪاري تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.











