اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي چيو آهي ته آئين ۾ داخل هڪجهڙائي، وقار ۽ بنا فرق جي اصولن جو تحفظ عدليه جي بنيادي ذميداري آهي ۽ ادارن ۾ محفوظ، باعزت ۽ جامع پيشيوراڻي ماحول کي هٿي وٺرائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي پاران جاري پڌرائيءَ موجب اها ڳالهه هن سپريم ڪورٽ ۾ هراسمنٽ جي روڪٿام …
هڪجهڙائي، وقار ۽ بنا فرق جي اصولن جو تحفظ عدليه جي بنيادي ذميداري آهي: چيف جسٽس يحيٰ آفريدي

مزید خبریں
اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي چيو آهي ته آئين ۾ داخل هڪجهڙائي، وقار ۽ بنا فرق جي اصولن جو تحفظ عدليه جي بنيادي ذميداري آهي ۽ ادارن ۾ محفوظ، باعزت ۽ جامع پيشيوراڻي ماحول کي هٿي وٺرائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي پاران جاري پڌرائيءَ موجب اها ڳالهه هن سپريم ڪورٽ ۾ هراسمنٽ جي روڪٿام بابت وفاقي محتسب فوزيه وقار سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ صنعتي حساس انصاف، ڪم جي جڳهه تي وقار جي تحفظ ۽ هراسيت خلاف اثرائتي اداره جاتي نظام بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. فوزيه وقار، چيف جسٽس کي پنهنجي اداري جي ڪردار ۽ مينڊيٽ کان آگاهه ڪيو ۽ ٻُڌايو ته وفاقي محتسب جو ادارو سرڪاري ۽ نجي شعبي ۾ عورتن لاءِ محفوظ ۽ جامع ماحول کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته هراسيت بابت قانونن تي اثرائتو عملدرآمد، اداره جاتي رابطن کي مضبوط ڪرڻ، متاثرن کي وقت سر قانوني معاونت فراهم ڪرڻ ۽ آگاهيءَ ۾ واڌ ضروري آهي. چيف جسٽس چيو ته عدليه آئيني اصولن جي تحفظ ۽ برابر انصاف جي فراهمي جي عزم تي ڪاربند آهي، جڏهن ته محفوظ ۽ باعزت ماحول ڪنهن به اداري جي بنيادي ضرورت آهي. فوزيه وقار عدليه جي سڌارن وارن ڪوششن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي صنفي حساس انصاف ۽ اداره جاتي شموليت کي هٿي وٺرائڻ کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو. پڌرائيءَ موجب اها ملاقات اداره جاتي رابطن ۽ شهري مرڪزي عدالتي سڌارن کي هٿي وٺرائڻ جي سلسلي جي ڪَڙي آهي.











