ڪوئيٽا- 11 مئي (اي پي پي) پوليو جي خاتمي بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق سومر ڏينهن ايمرجنسي آپريشن سينٽر ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي صحت واري سيڪريٽري مجيب الرحمان پانيزئي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نيشنل ڪوآرڊينيٽر ايمرجنسي آپريشن سينٽر انور الحق، صوبائي ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي ڪوارڊينيٽر انعام الحق، گيٽس فائونڊيشن جي ٽيڪنيڪل فوڪل پرسن ڊاڪٽر ظفر اقبال خوستي به موجود هو. ملاقات ۾ بلوچستان ۾ …
پوليو جي خاتمي بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن جي بلوچستان جي صحت واري سيڪريٽري سان ملاقات، پوليو جي خاتمي جي مهم جو جائزو

مزید خبریں
ڪوئيٽا- 11 مئي (اي پي پي) پوليو جي خاتمي بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق سومر ڏينهن ايمرجنسي آپريشن سينٽر ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي صحت واري سيڪريٽري مجيب الرحمان پانيزئي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نيشنل ڪوآرڊينيٽر ايمرجنسي آپريشن سينٽر انور الحق، صوبائي ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي ڪوارڊينيٽر انعام الحق، گيٽس فائونڊيشن جي ٽيڪنيڪل فوڪل پرسن ڊاڪٽر ظفر اقبال خوستي به موجود هو. ملاقات ۾ بلوچستان ۾ پوليو جي موجوده صورتحال ۽ ايندڙ قومي پوليو ويڪسينيشن مهم جي تيارين جو جائزو ورتو ويو ۽ سڄي صوبي ۾ پوليو جي خطرن، جاري پوليو جي خاتمي واري قدمن ۽ ايندڙ مهم جي حڪمت عملي تي تفصيلي غور ڪيو ويو. اختيارين، ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته بلوچستان کي پوليو کان پاڪ بڻائڻ لاءِ تمام موجود وسيلا ڪتب آندا ويندا. شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ايندڙ مهم دوران بلوچستان جي 25 چونڊيل علائقن ۾ اٽڪل 19 لک 90 هزار ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا. شرڪت ڪندڙن مهم جي ڪاميابي لاءِ مربوط حڪمت عملي ۽ فيلڊ سطح تي موثر انتظامن کي يقيني بڻائڻ تي زور ڀريو.











