روانگي واپار تي ٻڌل صنعت ملڪي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ لازمي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف روانگي واپار تي ٻڌل صنعت کي ملڪي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ لازمي قرار ڏيندي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار ۽ صنعتن کي حڪومتي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي حوالي سان حڪمت عملي تي اجلاس …

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف روانگي واپار تي ٻڌل صنعت کي ملڪي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ لازمي قرار ڏيندي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار ۽ صنعتن کي حڪومتي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي حوالي سان حڪمت عملي تي اجلاس ٿيو جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار واري خاص معاون هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعلى سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي هدايت ڪئي ته اهڙي نئين ڪاروبارن ۽ صنعتن جي فروغ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي جيڪي ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جو سبب بڻجن. هن روانگي واپار تي ٻڌل صنعت کي ملڪي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ لازمي قرار ڏيندي چيو ته حڪومت پنهنجو سمورو ڌيان روانگي واپار ۾ اضافي ۽ صنعتن کي سهولتون فراهم ڪرڻ تي مرڪوز ڪيو آهي. هن هدايت ڪئي ته اهڙن ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار ۽ صنعتن جيڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي حوالي سان اهم آهن، کي حڪومتي سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته ملڪي صنعت ۽ واپار ۾ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ ۽ جدت ملڪي مصنوعات کي عالمي مارڪيٽ ۾ چٽاڀيٽي ڏيارڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم برآمد ڪندڙن کي ٽيڪس ريفنڊ جي وقت سر ادائيگي جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي حوالي سان حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. پاليسي مسودي تي اجلاس ۾ بحث پڻ ڪيو ويو ۽ شرڪت ڪندڙن پنهنجي راءِ ۽ تجويزون پيش ڪيون.