نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان خطي جي بدلجندڙ صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب سعودي پرڏيهي وزير علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو ۽ خاص طور تي ايران ۽ آمريڪا جي …

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان خطي جي بدلجندڙ صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب سعودي پرڏيهي وزير علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو ۽ خاص طور تي ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري رابطن جي ڏس ۾ اسلام آباد جي ڪوششن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن آبنائي هرمز سميت سامونڊي سلامتي جي تحفظ جي اهميت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.