اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ هلندڙ مالي سال دوران مجموعي طور تي 3.202 ارب ڊالرن جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل سال جون مهيني جي پڄاڻي تي مٽاسٽا جي ناڻي جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 18.091 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو، جنهن مان اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو …
ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ هلندڙ مالي سال دوران 3.202 ارب ڊالرن جو اضافو رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ هلندڙ مالي سال دوران مجموعي طور تي 3.202 ارب ڊالرن جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل سال جون مهيني جي پڄاڻي تي مٽاسٽا جي ناڻي جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 18.091 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو، جنهن مان اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 12.728 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن جي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 5.363 ارب ڊالر هو. 30 اپريل تي ختم ٿيل هفتي تي مٽاسٽا جي ناڻي جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيتو 21.294 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 15.851 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 5.443 ارب ڊالر هو جيڪو 3.23 مهينن جي آمدني واپار لاءِ ڪافي آهي، جاري مالي سال جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين اسٽيٽ بئنڪ جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 3.123 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن جي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ 80 ملين ڊالر جو اضافو ٿيو آهي.











