معرڪه حق جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ايف سي بلوچستان جي آفيسرن پاران شهيدن جي يادگار تي حاضري

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) معرڪه حق جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ايف سي بلوچستان نارٿ جي آفيسرن ۽ نوجوانن شهيدن جي يادگار تي حاضري ڏني. هنن شهيدن جي قبرن تي گل رکيا ۽ خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو تفصيل موجب ايف سي بلوچستان نارٿ پاران اتر بلوچستان جي علائقن ۾ شهيدن لاءِ قرآن خواني جو اهتمام ڪيو ويو. آفيسرن ۽ جوانن ملڪ خاطر عظيم قربانيون …

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) معرڪه حق جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ايف سي بلوچستان نارٿ جي آفيسرن ۽ نوجوانن شهيدن جي يادگار تي حاضري ڏني. هنن شهيدن جي قبرن تي گل رکيا ۽ خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو تفصيل موجب ايف سي بلوچستان نارٿ پاران اتر بلوچستان جي علائقن ۾ شهيدن لاءِ قرآن خواني جو اهتمام ڪيو ويو. آفيسرن ۽ جوانن ملڪ خاطر عظيم قربانيون ڏيندڙن ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايف سي بلوچستان نارٿ جي آفيسرن ۽ جوانن وطن جي امن ۽ سلامتي لاءِ غير متزلزل عزم جو ورجاءُ ڪيو.