اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بنون ضلعي جي فتح خيل پوليس اسٽيشن وٽ ٿيل دهشت گرد حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار شهيد ٿيو. هن ڊيوٽي دوران شهيد ٿيل بهادر پوليس اهلڪار کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون قربانيون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن. …
سينيٽ چيئرمين پاران بنون ۾ دهشت گرد حملي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بنون ضلعي جي فتح خيل پوليس اسٽيشن وٽ ٿيل دهشت گرد حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار شهيد ٿيو. هن ڊيوٽي دوران شهيد ٿيل بهادر پوليس اهلڪار کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون قربانيون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن. هن شهيدن جي خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جا درجا بلند ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ان قسم جون بزدلاڻيون ڪارروائيون دهشتگردي خلاف قوم جي عزم کي ڪمزور نٿيو ڪري سگهن. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته قوم دهشت گردي ۽ انتها پسندي خلاف پنهنجي سيڪيورٽي فورسز ۽ ادارن سان گڏ بيٺي آهي.











