معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي آءِ ايس پي آر پاران نئون ملي نغمو ”تو ياد رکين“ جاري

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي آءِ ايس پي آر جو نئون ملي نغمو تو ياد رکين جاري ڪيو ويو آهي. معرڪه حق جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي آءِ ايس پي آر جو نئون نغمو ”تو ياد رکين “ عوام ۾ تمام گهڻو مقبول ٿي رهيو آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل نغمو قوم ۽ غيور قوم جي …

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي آءِ ايس پي آر جو نئون ملي نغمو تو ياد رکين جاري ڪيو ويو آهي. معرڪه حق جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي آءِ ايس پي آر جو نئون نغمو ”تو ياد رکين “ عوام ۾ تمام گهڻو مقبول ٿي رهيو آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل نغمو قوم ۽ غيور قوم جي عزم جي نمائندگي ڪري ٿو. معرڪه حق ۾ پاڪستان پنهنجي وطن جي دفاع خاطر طاقت کي پنهنجي عالمي سڃاڻپ بڻائي ڇڏيو. اهو نغمو ياد ڏياري ٿو ته سال 2025ع ۾ متحد قوم ۽ هٿيار بند فوج جي بيمثال مهارت ڪيئن طاقت بڻجي اڀري. نغمي جي شاندار شعرن ۾ پاڪستان جي ڪاوڙ، همت ۽ بي مثال طاقت کي دشمن لاءِ واضح پيغام قرار ڏنو ويو آهي. نغمي ۾ پاڪستان جي دشمن جي مقابلي ۾ هر آزمائش ۾ سرخرو ٿيڻ جي پر جوش للڪار آهي. معرڪه حق جي پر مسرت موقعي تي جاري ڪيل نغمي قومي عزم، يڪجهتي ۽ دفاعي قوت جي علامت آهي. معرڪه حق ڀارت جهڙي مڪار دشمن کي هڪ سٺو جواب هيو جنهن کي تاريخ هميشه ياد رکندي.

مزید خبریں