بيجنگ- 11 مئي (اي پي پي) چين چيو آهي ته آمريڪا سان واپار بابت ڳالهين جو نئون دور ڏکڻ ڪوريا ۾ 12 مئي تي شروع ٿيندو . پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي واپار واري وزارت جي ترجمان چين – آمريڪا واپاري صلاح مشوري جي حوالي سان صحافين جي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته ڌرين اتفاق ڪيو آهي ته سي پي سي جي مرڪزي ڪميٽي جي سياسي بيورو جي ميمبر ۽ نائب …
آمريڪا سان واپار بابت ڳالهين جو نئون دور ڏکڻ ڪوريا ۾ 12 مئي تي شروع ٿيندو: چين

مزید خبریں
بيجنگ- 11 مئي (اي پي پي) چين چيو آهي ته آمريڪا سان واپار بابت ڳالهين جو نئون دور ڏکڻ ڪوريا ۾ 12 مئي تي شروع ٿيندو . پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي واپار واري وزارت جي ترجمان چين – آمريڪا واپاري صلاح مشوري جي حوالي سان صحافين جي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته ڌرين اتفاق ڪيو آهي ته سي پي سي جي مرڪزي ڪميٽي جي سياسي بيورو جي ميمبر ۽ نائب وزيراعظم جي قيادت ۾ هڪ وفد، 12 کان 13 مئي تائين ڏکڻ ڪوريا ويندو ۽ آمريڪي ڌرين سان واپاري صلاح مشورو ڪندو. هن چيو ته ڌريون سربراهي اجلاس ۽ ٻنهي سربراهن وچ ۾ گذريل فون ڪالز ۾ طئي ٿيل اهم اتفاق راءِ مان رهنمائي وٺنديون. ان کان علاوه گڏيل دلچسپي جي واپاري ۽ اقتصادي معاملن تي به صلاح مشورو ڪنديون.











