لنڊن- 11 مئي (اي پي پي) ڪروز شپ تي سوار هنٽا وائرس جي متاثر 20 برطانوي شهرين کي انگلينڊ جي هڪ اسپتال ۾ قرنطينه ڪيو ويو آهي جڏهن ته برطانوي اختيارين وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ نگراني ۽ احتياطي قدم وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق مسافر مانچيسٽر پهچڻ بعد بسن ذريعي مرسي سائيڊ جي علائقي ويرل ۾ قائم ايرو پارڪ اسپتال منتقل ڪيا ويا ، جتي …
ڪروز شپ تي سوار هنٽا وائرس جا متاثر برطانوي مسافر قرنطينه منتقل

مزید خبریں
لنڊن- 11 مئي (اي پي پي) ڪروز شپ تي سوار هنٽا وائرس جي متاثر 20 برطانوي شهرين کي انگلينڊ جي هڪ اسپتال ۾ قرنطينه ڪيو ويو آهي جڏهن ته برطانوي اختيارين وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ نگراني ۽ احتياطي قدم وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق مسافر مانچيسٽر پهچڻ بعد بسن ذريعي مرسي سائيڊ جي علائقي ويرل ۾ قائم ايرو پارڪ اسپتال منتقل ڪيا ويا ، جتي کين 72 ڪلاڪن تائين طبي نگراني ۾ رکيو ويندو . مقامي نيشنل هيلٿ سروس جي اختيارين گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سمورن ماڻهن جو طبي معائنو ۽ ٽيسٽنگ هڪ منظم ماحول ۾ ڪئي ويندي . جيڪڏهن انهن ۾ بيماري جي علامت ظاهر نه ٿي ته کين گهر وڃڻ جي اجازت ڏني ويندي پر کين وڌيڪ 42 ڏينهن تائين پاڻ کي الڳ رکڻو پوندو.











