سيئول- 11 مئي (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جي روانگي واپار ۾ هلندڙ مهيني جي پهرين 10 ڏينهن دوران نمايان اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. جنهن جو وڏو سبب مقامي طور تي تيار ڪيل سيمي ڪنڊڪٽرز جي وڌندڙ عالمي طلب آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪوريا ڪسٽمز سروس جي گذريل ڏينهن جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پهرين مئي کان 10 مئي دوران ملڪي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 18.43 ارب …
ڏکڻ ڪوريا جي روانگي واپار ۾ 43.7 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ

مزید خبریں
سيئول- 11 مئي (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جي روانگي واپار ۾ هلندڙ مهيني جي پهرين 10 ڏينهن دوران نمايان اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. جنهن جو وڏو سبب مقامي طور تي تيار ڪيل سيمي ڪنڊڪٽرز جي وڌندڙ عالمي طلب آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪوريا ڪسٽمز سروس جي گذريل ڏينهن جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پهرين مئي کان 10 مئي دوران ملڪي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 18.43 ارب ڊالرز رهيو جيڪو گذريل سال جي ان عرصي جي ڀيٽ ۾ 43.7 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اها ڄاڻايل مدي لاءِ هيستائين جي بلند ترين سطح آهي جنهن 2024ع ۾ قائم 16.8 ارب ڊالرن جو اڳوڻو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو.











