اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت ڪابينا جي فيصلي جي روشني ۾ ڊاڪٽر غلام علي ملاح کي اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري پرائيويٽ ايجوڪيشنل انسٽيٽيوشنز ريگيوليٽري اٿارٽي ( آٰءِ سي ٽي- پي اِي آءِ آر اي) جي چيئرمين جي اضافي چارج جي مُدي ۾ 90 ڏينهن جي واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سومر ڏينهن جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ڊاڪٽر غلام علي …
ڊاڪٽر غلام علي ملاح جي پي اِي آءِ آر اي چيئرمين جي اضافي چارج جي مُدي ۾ 90 ڏينهن جي واڌ، نوٽيفڪيشن جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت ڪابينا جي فيصلي جي روشني ۾ ڊاڪٽر غلام علي ملاح کي اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري پرائيويٽ ايجوڪيشنل انسٽيٽيوشنز ريگيوليٽري اٿارٽي ( آٰءِ سي ٽي- پي اِي آءِ آر اي) جي چيئرمين جي اضافي چارج جي مُدي ۾ 90 ڏينهن جي واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سومر ڏينهن جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ڊاڪٽر غلام علي ملاح، جيڪو انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن (آءِ بي سي سي) ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر (بي ايس-21) طور ڪم ڪري رهيو آهي، کي ان اضافي چارج جي منظوري 7 اپريل 2026ع کان ڏني وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب، هي واڌ 90 ڏينهن جو مُدو مڪمل ٿيڻ يا مستقل چيئرمين جي مقرري تائين، جيڪو به اڳ ۾ هجي، تائين موثر رهندي. هي نوٽيفڪيشن 9 مئي 2026ع جي وفاقي ڪابينا جي فيصلي جي روشني ۾ جاري ڪيو ويو آهي.











