سينيٽ چيئرمين پاران ضلعي بنون ۾ فتح خيل پوليس اسٽيشن تي دهشتگرد حملي جي مذمت

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ضلعي بنون ۾ فتح خيل پوليس اسٽيشن تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار شهيد ٿيا. هن ڊيوٽي دوران پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ بهادر پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جُون قربانيون ڪڏهن به نه وساريُون …

اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ضلعي بنون ۾ فتح خيل پوليس اسٽيشن تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار شهيد ٿيا. هن ڊيوٽي دوران پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ بهادر پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جُون قربانيون ڪڏهن به نه وساريُون وينديُون. هن شهيدن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته اهڙي قسم جُون بزدلاڻيون ڪارروايون دهشتگردي خلاف قوم جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن. هن ان عزم کي ورجايو ته پوري قوم دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز ۽ ادارن سان متحد ٿي گڏ بيٺل آهي.

مزید خبریں