آپريشن بُنيان مرصوص اسان جي تاريخي عسڪري ڪاميابي ئي نه قومي غيرت، اصولن ۽ خودداري جي شاندار فتح آهي: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آپريشن بُنيان مرصوص معرڪه حق جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي 10 مئي کي معرڪه حق ڏهاڙي جي نالي سان منسوب ڪرڻ ۽ هر سال هي ڏينهن انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته آپريشن بُنيان مرصوص اسان جي تاريخي عسڪري ڪاميابي ئي نه قومي غيرت، اصولن ۽ خودداري جي شاندار فتح آهي، …

اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آپريشن بُنيان مرصوص معرڪه حق جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي 10 مئي کي معرڪه حق ڏهاڙي جي نالي سان منسوب ڪرڻ ۽ هر سال هي ڏينهن انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته آپريشن بُنيان مرصوص اسان جي تاريخي عسڪري ڪاميابي ئي نه قومي غيرت، اصولن ۽ خودداري جي شاندار فتح آهي، ڀارت اڄ تائين پهلگام فالس فليگ آپريشن جو هڪ ثبوت به پيش نه ڪري سگهيو، پاڪستان جي سچ جي بيانيي جي فتح ٿي، اسان جي بهادر فرزندن دشمن کي اهڙو جواب ڏنو جو ان کي سڄي زندگي ياد رهندو، اسان جي شاهينن جي جرئت ۽ فتح ميزائيلن دشمن جي فضائي دفاعي نظام کي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيو ۽ چئن ڪلاڪن ۾ ئي جنگبندي جي درخواست تي مجبور ٿي ويو، شهيدن جي رت ۽ عظيم روايتن جي امين پاڪ زمين جي فرزندن کي سلام پيش ڪريون ٿا، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي دانشمنداڻي ۽ دليراڻي قيادت ۾ پاڪ فوج بهادري جو نئون باب لکيو آهي، ملڪ جي دفاع جي مقدس فرض جي لاءِ پوري قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار تي دوست ملڪن جا ٿورائتا آهيون، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي جي لاءِ صدر ٽرمپ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، خطي ۽ دنيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ اسان جون مخلصاڻيون ڪوششون اڃا به جاري آهن، پاڪستان مظلوم فلسطيني ۽ ڪشميري عوام جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت ڪندو رهندو، اسان جي سيڪيورٽي فورسز پنهنجي بي مثال پيشيواراڻي مهارت ۽ بهادري سان دهشتگردي کي سدائين جي لاءِ دفن ڪري ڇڏيندي. اتحاد، معرڪه حق جي جذبي ۽ اڻٿڪ محنت سان پاڪستان کي عالمي دنيا ۾ شاندار مقام ڏيارينداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار آپريشن بُنيان مرصوص معرڪه حق جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان مونومنٽ تي منعقد خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، هٿياربند فوج جي سربراهن، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، مختلف ملڪن جي سفيرن، سول ۽ عسڪري عملدارن، شهيدن جي پونئيرن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته الله تعالى جي آڏو پوري عاجزي سان شڪراني جو سجدو ادا ڪريون ٿا جنهن معرڪه حق کي عظيم الشان فتح ۾ بدلائي ڇڏيو ۽ ملڪ کي عالمي دنيا ۾ سربلند ڪري منفرد مقام ڏياريو. وزيراعظم جي درخواست تي ملڪ جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ ۽ پنهنجي مقدس رت سان پنهنجي ڌرتيءَ جي آبياري ڪندڙ شهيدن جي احترام ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي تحفظ جي لاءِ شهادت ماڻيندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته گذريل سال پهلگام جي افسوسناڪ واقعي کي جواز بڻائي ڀارت پاڪستان تي بي بنياد الزام هنيا پر اسان صبر ۽ تحمل جو دامن نه ڇڏيو، ڪاڪول اڪيڊمي جي ميدان مان مون دشمن کي هر قسم جي مهم جوئي جي انجام کان خبردار ڪيو هو ۽ واقعي جي عالمي سطح تي شفاف جاچ جي آڇ پڻ ڪئي هئي پر بزدل دشمن سدائين وانگر رات جي اونداهي ۾ اسان جي مسجدن، معصوم ٻارن ۽ شهرين کي نشانو بڻائي اسان تي اشتعال انگيز جنگ مڙهي ڇڏي، اسان جي بهادر فوج دشمن پاران اونداهي ۾ ڪيل حملي جو تاريخي جواب ڏنو، جڏهن اسان جا شيردل جوان ميدان ۾ لٿا ۽ اسان جا شاهين دشمن تي جهپٽيا ته بزدل دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏني، اسان جي فتح ميزائيلن ڀارت جي فضائي دفاع جي نظام کي نيست نابو ڪري ڇڏيو، هر طرف اسان جي شاهينن جو غلبو هو ۽ هر طرف دشمن جي جهازن جو ملبو هو اهڙي طرح رڳو چئن ڪلاڪن ۾ .ئي ڀارت جنگبندي جي درخواست تي مجبور ٿي ويو. وزيراعظم چيو ته سچائي جو ڏيئو ڪوڙ جي ڦوڪن سان نه ٿو وسائي سگهجي اهو ئي سبب آهي جو هڪ سال گذري وڃڻ جي باوجود ڀارت اڄ تائين پهلگام جي فالس فليگ آپريشن جو ڪو ثبوت پيش نه ڪري سگهيو. وزيراعظم چيو ته آپريشن بُنيان مرصوص رڳو تاريخي عسڪري ڪاميابي ئي نه آهي پر اسان جي قومي غيرت، اصولن ۽ خودداري جي شاندار فتح پڻ آهي. وزيراعظم 10 مئي کي معرڪه حق ڏهاڙي جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته هي ڏينهن هر سال موڪل کانسواءِ انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو. وزيراعظم چيو ته پاڪ زمين جي هر بهادر جوان ۽ آفيسر کي جيڪي شهيدن جي رت ۽ عظيم روايتن جا وارث آهن سلام پيش ڪريون ٿا، انهن عظيم مائرن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي جگر جا  ٽڪرا ملڪ تي جانثار ڪري ڇڏيا، پوري قوم کي سلام پيش ڪريون ٿا جيڪا ايمان، اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط جو شاندار مثال بڻجي وئي ۽ دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو ته اسان متحد آهيون ۽ ڪير اسان طرف اک کڻي به نه ٿو ڏسي سگهي. وزيراعظم چيو ته هو بهادر هٿياربند فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي شاندار خراج تحسين پيش ڪري ٿو جنهن ان معرڪه ۾ بهادري جو نئون باب لکيو، تاريخ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي دانشمنداڻي ۽ دليراڻي قيادت کي سدائين سنهري لفظن ۾ ياد رکندي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي سلام پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر ۽ سندس شاهينن جي ذڪر کانسواءِ هي داستان اڻ مڪمل رهندي جن دشمن جي جهازن کي ڪيرايو ۽ دشمن جي فضائي قوت جي دعوائن جي پت وائکي ڪري ڇڏي. وزيراعظم پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر، پاڪ فضائيه جي شاهينن،  پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف ۽ پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو ۽ معرڪه حق جي شاندار فتح تي انهن کي مبارڪباد ڏني، جن دشمن تي اها هيبت طاري ڪئي جو اهي پاڪستان جي سامونڊي حدن ۾ داخل نه ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته جتي 24 ڪروڙ پاڪستاني پنهنجي بهادر هٿياربند فوج سان گڏ شيهي جي ديوار وانگر بڻجي بيٺل رهيا اتي اسان جي ڀائر ۽ دوست ملڪن سفارتي محاذ تي پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو ان اڻٿڪ حمايت تي دل جي گهرائين سان پنهنجي ڀائر ۽ دوست ملڪن جا ٿورا ادا ڪريون ٿا، خاص طور تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا ٿورا ادا ڪريون ٿا جنهن خطي ۾ امن ۽ ڪروڙين انسانن جون زندگيون بچائڻ جي لاءِ هڪ تاريخي ڪردار ادا ڪيو ڇو ته جيڪڏهن ٻن ائٽمي ملڪن جي وچ ۾ جنگ جا شعلا وڌيڪ ڀڙڪن ها ته پوءِ اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي ته نتيجو ڪيترو ڀيانڪ نڪري ها، صدر ٽرمپ جنگبندي جي لاءِ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو سندس ڪردار کي تاريخ سدائين ياد رکندي. وزيراعظم چيو ته هو ڀائر ملڪ سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ٻين دوست ملڪن جا دل سان ٿورا ادا ڪري ٿو جن پاڪستان جي موقف جي ڀرپور تائيد ڪندي حق جو ساٿ ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عظيم ۽ قابل اعتماد دوست چين جي صدر شي جن پنگ، چيني قيادت ۽ عوام جا ٿورا ادا ڪريون ٿا جنهن ماضي وانگر معرڪه حق دوران به پاڪستان جي ڀرپور سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ڪري نه وسارڻ جوڳي دوستي جو حق ادا ڪيو. 

مزید خبریں