اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري معرڪه حق دوران ڀارتي جارحيت جي خلاف پاڪستان جي “منظم پر حيران ڪندڙ” جواب کي ساراهيندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستاني قوم ۽ هٿياربند فوج ملڪي سالميت ۽ قومي مفادن جي دفاع جي لاءِ هر چئلينج جو مقابلو ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي ۽ سدائين تيار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان مونومنٽ …
پاڪستاني قوم ۽ هٿياربند فوج ملڪي سالميت ۽ قومي مفادن جي دفاع لاءِ هر چئلينج جو مقابلو ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري معرڪه حق دوران ڀارتي جارحيت جي خلاف پاڪستان جي “منظم پر حيران ڪندڙ” جواب کي ساراهيندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستاني قوم ۽ هٿياربند فوج ملڪي سالميت ۽ قومي مفادن جي دفاع جي لاءِ هر چئلينج جو مقابلو ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي ۽ سدائين تيار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان مونومنٽ ۾ معرڪه حق جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي قومي تاريخ جي هڪ انتهائي اهم باب کي گذري 12 مهينا مڪمل ٿي چڪا آهن. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، وفاقي وزيرن، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف، سفارتڪارن، شاگردن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ڀارت پهلگام جي ڪوڙي ڊرامي کي بنياد بڻائي اشتعال انگيز جارحيت جو رستو اختيار ڪيو ۽ بنا ڪنهن جواز جي پاڪستاني شهرين ۽ عبادتگاهن تي فضائي حملا ڪيا. هن چيو ته ڀارتي ميڊيا هٿ ٺوڪيون ڪهاڻيون ۽ خيالي دعوائون پيش ڪري پنهنجي قوم کي گمراهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني قوم ۽ هٿياربند فوج چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ ڀارتي جارحيت جو “منظم پر حيران ڪندڙ” جواب ڏنو. هن چيو ته اسان جي فوج دشمن کي ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ نقصان پهچائڻ جي صلاحيت رکندي هئي، پر هڪ ذميوار ۽ امن پسند رياست هجڻ جي ناطي اسان جو ردعمل متوازن رهيو. اسان جي بهادر آفيسرن، جوانن ۽ پوري قوم جنهن پيشيواراڻي مهارت ۽ جرئت جو مظاهرو ڪيو ان اسان کي فخر بخشيو ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان کي ساراهيو ويو. هن چيو ته پاڪ فضائيه ثابت ڪيو ته اها ڪنهن کان گهٽ نه آهي، ڇو ته پاڪستاني پائليٽس هڪ وڏي دشمن جو غيرمعمولي مهارت ۽ اعتماد سان مقابلو ڪيو ۽ ملڪي فضائي حدن جو انتهائي صحيح انداز ۾ دفاع ڪيو. صدر چيو ته پاڪ فضائيه ان تڪرار دوران دشمن جا 8 جهاز ڪيرايا جنهن قومي عزم ۽ فخر جي هڪ نئين تاريخ لکي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪ بحريه به پنهنجي عملي تيارين ۽ جنگي صلاحيتن جي ذريعي سامونڊي سرحدن جو دفاع ڪيو ۽ ڀارتي جهاز بردار سامونڊي جهاز کي دفاعي پوزيشن اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پاڪستان جي ڪاميابي رڳو عسڪري ميدان تائين محدود نه هئي پر اها پوري قوم جي اتحاد ۽ هم آهنگي جي عڪاس هئي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا کي اهو پيغام ڏنو ته اسان هڪ فولادي ديوار وانگر متحد، بيدار ۽ پرعزم آهيون. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي ڇو ته ڀارتي ظلم ۽ سنگين انساني حقن جون خلاف ورزيون ڪشميري عوام جا حوصلا ڪمزور ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي خودمختياري جي جائز حق جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفي ۽ غيرقانوني طور تي معطل ڪرڻ جي ڪوشش پاڻي دهشتگردي جي برابر آهي. هن چيو ته پاڻي اسان جي لکين شهرين جي زندگي آهي، عالمي قانونن جي اها کليل خلاف ورزي علائقائي استحڪام جي لاءِ خطرو آهي ۽ ان جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن افغانستان جي ذريعي پاڪستان ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو ذڪر ڪندي ان جي خاتمي جو مطالبو ڪيو ۽ افغانستان تي زور ڏنو ته هو پنهنجي سرزمين پاڪستان ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ ڏي. صدر غزه ۾ معصوم عورتن ۽ ٻارن تي ٿيندڙ ظلم ۽ نسل ڪشي جي فوري خاتمي جو مطالبو پڻ ڪيو ۽ فلسطيني عوام جي هڪ آزاد رياست جي حق جي حمايت جو ورجاءُ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.











