اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم کي زمبابوي خلاف سيريز ۾ شاندار ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستاني ويمن ڪرڪيٽرز پنهنجي شاندار راند سان قوم جو ڳاٽ فخر سان مٿانهون ڪيو آهي. هن چيو ته پوري اميد آهي ته پاڪستان جون ڌيئرون راند جي ميدان ۾ …
صدر آصف علي زرداري پاران پاڪستان ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم کي زمبابوي خلاف سيريز ۾ شاندار فتح تي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم کي زمبابوي خلاف سيريز ۾ شاندار ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستاني ويمن ڪرڪيٽرز پنهنجي شاندار راند سان قوم جو ڳاٽ فخر سان مٿانهون ڪيو آهي. هن چيو ته پوري اميد آهي ته پاڪستان جون ڌيئرون راند جي ميدان ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪنديون رهنديون. صدر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ۽ ٽيم مئنيجمينٽ جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ويمن ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. صدر قومي ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم جي وڌيڪ ڪاميابين لاءِ دعا ڪئي.











