معرڪه حق عزم، جرئت ۽ استقامت جو مظاهرو ڪندي دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏيڻ جي ياد تازي ڪري ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معرڪه حق جي ڏينهن کي سَجده شُڪر ملهائڻ جو موقعو قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو ڏينهن عزم، جرئت ۽ استقامت جو مظاهرو ڪندي دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏيڻ جي ياد تازي ڪري ٿو. زميني، سامونڊي، فضائي ۽ سائبر محاذن تي اسان جي فوج جي مربوط، منظم ۽ هم آهنگ رد عمل پاڪستان کي هڪ ناقابل تسخير قوت طور …

اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معرڪه حق جي ڏينهن کي سَجده شُڪر ملهائڻ جو موقعو قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو ڏينهن عزم، جرئت ۽ استقامت جو مظاهرو ڪندي دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏيڻ جي ياد تازي ڪري ٿو. زميني، سامونڊي، فضائي ۽ سائبر محاذن تي اسان جي فوج جي مربوط، منظم ۽ هم آهنگ رد عمل پاڪستان کي هڪ ناقابل تسخير قوت طور مڃرايو. پاڪستان فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندوستان جي مڪمل خاتمي ۽ دهشتگردي جي ناسور کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ ثابت قدمي سان پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن معرڪه حق جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته معرڪه حق الله تعاليٰ جي بي شمار انعامن ۽ احسانن تي شُڪر ادا ڪرڻ جو ڏينهن آهي. اڄ اسان ان عزم، جرئت ۽ استقامت کي ياد ڪري رهيا آهيون جنهن جو مظاهرو پاڪستان آزمائش جي وقت ۾ ڪيو ۽ دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏني. وزيراعظم چيو ته پوري قوم پنهنجي شهيدن، سندن پونئيرن ۽ انهن غازين کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي جن شيهي جي ديوار بڻجي پنهنجي وطن جو دفاع ڪيو. زميني، سامونڊي، فضائي ۽ سائبر محاذن تي اسان جي فوجن مربوط، منظم ۽ هم آهنگ رد عمل پاڪستان کي هڪ نا قابل تسخير قوت طور مڃرايو. هن چيو ته معرڪه حق ان حقيقت جو روشن دليل آهي ته پاڪستاني قوم امن پسند هجڻ سان گڏوگڏ بهادر، باوقار، ثابت قدم ۽ غيرت مند قوم آهي. معرڪه حق تاريخ ۾ هڪ اهڙي عظيم ڪارنامي طور لکجي چڪو آهي، جنهن ۾ دشمن جي بنا جواز جارحيت جي مقابلي ۾ پاڪستان فيصلائتي برتري حاصل ڪئي. دشمن کي حقيقت جو اهڙو سبق ڏنو ويو جنهن ان جي ناقابل شڪست ٿيڻ جي عزم کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته اسان چيف آف آرمي اسٽاف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي سندس جرئتمنداڻي ۽ دليراڻي قيادت تي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. اسان ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف کي به سندس مدبراڻي حڪمت عملي تي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. اسان پنهنجي بهادر فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي به سلام پيش ڪيون ٿا جن پاڪستاني قوم جي غير متزلزل حمايت سان پاڪستان ۽ ڀارت جي تڪرار ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ڪيو. پاڪستان هڪ پاسي پنهنجي امن جي عزم کي واضح ڪيو ته ٻئي پاسي دفاعي توازن کي بحال ڪندي پنهنجي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو ڀرپور تحفظ يقيني بڻايو. وزيراعظم چيو ته ان ڳالهه ۾ ڪو به شَڪُ نه هئڻ گهرجي ته پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ يا ان جي خلاف ڪنهن به جارحيت جو فوري، اثرائتو ۽ وقت سر جواب نه ڏنو ويندو. اسان پنهنجي سرحدن جي دفاع ۽ تحفظ لاءِ پر عزم ۽ مڪمل طور تي چوڪس آهيون. پاڪستان فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندوستان جي مڪمل خاتمي ۽ دهشتگردي جي ناسور کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ به ثابت قدمي سان پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستان جو ذڪر ڪشمير کانسواءِ اڻپورو آهي، جيڪا ننڍي کنڊ جي اڻپوري ايجنڊا آهي. اهو مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق حل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ پاڪستان کي هڪ ذميوار ملڪ طور تسليم ڪيو پيو وڃي، جيڪو نه صرف پنهنجي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو پر عالمي امن ۽ استحڪام جي ضامن طور به اڀريو آهي. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري تڪرار ۾ هڪ اهم ٽياڪڙي طور پاڪستان جي ڪردار ۽ امن جي قيام لاءِ اسان جي ڪوششن کي عالمي سطح تي اجاڳر ڪيو ويو آهي. پاڪستان تڪرارن جي پر امن حل لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ جي عزم تي قائم آهي. هن چيو ته اچو اڄ معرڪه حق جو هڪ سال پورو ٿيڻ تي پنهنجي شهيدن جي عظيم قربانين کي ياد ڪندي ان عهد جي تجديد ڪيون ته اسان شيهي جي ديوار بڻجي دشمنن جو مقابلو ڪنداسين ۽ هن عظيم وطن جي مقدر جي شان ۽ عظمت لاءِ محنت جاري رکنداسين.