وزيراعظم شهباز شريف کي قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم آل ثاني جو ٽيليفون، امن جي جاري ڪوششن جي ڪاميابي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين ڌرين طرفان تعميري رابطن جي اهميت تي زور

لاهور- 10 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خطي ۾ امن لاءِ پاڪستاني ڪوششن جي لڳاتار حمايت تي قطر جي قيادت کي ساراهيندي انهن ڪوششن جي ڪاميابي لاءِ سمورين ڌرين طرفان تعميري رابطن جي اهميت تي زور ڀريو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم آل ثاني ٽيليفون ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان …

لاهور- 10 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خطي ۾ امن لاءِ پاڪستاني ڪوششن جي لڳاتار حمايت تي قطر جي قيادت کي ساراهيندي انهن ڪوششن جي ڪاميابي لاءِ سمورين ڌرين طرفان تعميري رابطن جي اهميت تي زور ڀريو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم آل ثاني ٽيليفون ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن بدلجندڙ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ خطي ۾ جاري امن جي ڪوششن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. وزيراعظم شهباز شريف ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي پاڪستان جي امن قدمن لاءِ قطر جي لڳاتار ۽ ثابت قدم حمايت کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن امن جي جاري ڪوششن جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين ڌرين طرفان تعميري رابطن جي اهميت تي زور ڀريو. وزيراعظم، قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني کي دل جي گهراين سان مبارڪن جو پيغام پهچايو ۽ چيو ته هو قطر جي امير جو پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي. سندس دوري سان پاڪستان ۽ قطر جي پائيدار حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ۽ سگهه ڏيڻ ۾ مدد ملندي.