لاهور- 10 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي سان رابطو ڪري بنون ۾ پوليس چوڪي تي دهشتگردن جي حملي ۾ قيمتي جانين جي نقصان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته دهشتگردي خلاف صوبائي حڪومت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم، وڏي وزير سهيل آفريدي سان …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سان رابطو، بنون پوليس چوڪي تي دهشتگردن جي حملي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
لاهور- 10 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي سان رابطو ڪري بنون ۾ پوليس چوڪي تي دهشتگردن جي حملي ۾ قيمتي جانين جي نقصان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته دهشتگردي خلاف صوبائي حڪومت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم، وڏي وزير سهيل آفريدي سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي گذريل ڏينهن بنون ۾ پوليس چوڪي تي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪئي. وزيراعظم دهشتگردي جي واقعي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي واقعي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جي درجن جي بلندي جي دعا ڪئي ۽ وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي واقعي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جي جلد صحتيابي جي دعا به ڪئي. هن دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ وفاق طرفان صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف صوبائي حڪومت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪنداسين. ٻنهي اڳواڻن دهشتگردي خلاف مهاڏو اٽڪائيندڙ پاڪ فوج، سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.










