اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري بنون ۾ پوليس اسٽيشن فتح خيل تي فتنه الخوارج جي دهشتگرداڻي حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل پوليس جي عملي کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ صدر مملڪت شهيدن جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر مملڪت واقعي ۾ مقامي ماڻهن جي گهرن کي پهتل نقصان …
صدر مملڪت آصف علي زرداري پاران بنون ۾ پوليس اسٽيشن تي فتنه الخوارج جي دهشتگرداڻي حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري بنون ۾ پوليس اسٽيشن فتح خيل تي فتنه الخوارج جي دهشتگرداڻي حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل پوليس جي عملي کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ صدر مملڪت شهيدن جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر مملڪت واقعي ۾ مقامي ماڻهن جي گهرن کي پهتل نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي هدايت ڪئي ته زخمين ۽ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي. صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو ته دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻايا ويندا، قوم پنهنجي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، ڀارتي پٺڀرائي تي پلجندڙ دهشتگرد طالبان رجيم جي فراهم ڪيل پناهگاهن کان پاڪستان جي شهري آبادي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نشانو بڻائي رهيا آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان عالمي امن جي ڪوششن ۾ به ڪامياب ٿيندو ۽ اسان دهشتگردن ۽ سندن پٺڀرائي ڪندڙن کي به شڪست ڏينداسين. صدر مملڪت چيو ته اسان صرف دهشتگردن کي نه پر سندن سهولتڪارن ۽ پٺڀرائي ڪندڙن کي به نشانو بڻائينداسين.










