وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن جي مملڪتي وزير شمع عبيد اسلام جي ملاقات

ڍاڪا- 10 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي وفاقي وزير محسن نقوي سان بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن جي مملڪتي وزير شمع عبيد اسلام ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ٻه طرفن لاڳاپن، خطي جي صورتحال ۽ پاڪستان جي مصالحتي ڪردار تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. بنگلاديش جي مملڪتي وزير ايران تڪرار جي حل لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي تعريف ڪئي. هن واپار، ڪاروبار ۽ ثقافت جي شعبن …

ڍاڪا- 10 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي وفاقي وزير محسن نقوي سان بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن جي مملڪتي وزير شمع عبيد اسلام ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ٻه طرفن لاڳاپن، خطي جي صورتحال ۽ پاڪستان جي مصالحتي ڪردار تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. بنگلاديش جي مملڪتي وزير ايران تڪرار جي حل لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي تعريف ڪئي. هن واپار، ڪاروبار ۽ ثقافت جي شعبن ۾ شراڪت وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ لاءِ گڏيل وفدن جي وڌ کان وڌ مٽا سٽا تي اتفاق ۽ بنگلاديش جي پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات دوران وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. بنگلاديش جي پرڏيهي وزارت جو سيڪريٽري محمد نذر الاسلام، ڊائريڪٽر جنرل ڏکڻ ايشيا عشرت جهان ۽ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عمران حيدر پڻ ان موقعي تي موجود هئا.