معرڪه حق ۾ پاڪستان جي شاندار فتح جو قومي ۽ عالمي ميڊيا تي اعتراف

اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) معرڪه حق ۾ پاڪستان جي شاندار فتح جو قومي ۽ عالمي ميڊيا اعتراف ڪيو آهي، معرڪه حق ۾ ڀارت خلاف پاڪستان جي شاندار فتح جي قومي ۽ عالمي ميڊيا تي گونج ٻڌي وئي. تفصيل موجب بزدل دشمن رات جي اونداهي ۾ وار ڪيو، جنهن جو عبرتناڪ جواب پاڪ فوج ڏينهن جي روشني ۾ ڏنو. پاڪ فوج جي پيشوراڻي مهارت ۽ ايمان جي جذبي …

اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) معرڪه حق ۾ پاڪستان جي شاندار فتح جو قومي ۽ عالمي ميڊيا اعتراف ڪيو آهي، معرڪه حق ۾ ڀارت خلاف پاڪستان جي شاندار فتح جي قومي ۽ عالمي ميڊيا تي گونج ٻڌي وئي. تفصيل موجب بزدل دشمن رات جي اونداهي ۾ وار ڪيو، جنهن جو عبرتناڪ جواب پاڪ فوج ڏينهن جي روشني ۾ ڏنو. پاڪ فوج جي پيشوراڻي مهارت ۽ ايمان جي جذبي ڀارت جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. ڀارتي جارحيت خلاف پاڪستان جي آپريشن بنيان مرصوص جي گونج سڄي دنيا جي ميڊيا تي ٻڌڻ ۾ آئي. عالمي دفاعي ماهرن آپريشن بنيان مرصوص کي ڀارتي جارحيت خلاف اثرائتو جواب قرار ڏنو. پاڪستان جي منهن ٽوڙ جواب دشمن جي مضبوط دفاع وارين دعوائن کي بي نقاب ڪيو. قومي ميڊيا تي به پاڪستان جي ڪاميابي جي گونج رهي ۽ ان کي ملڪي دفاعي تاريخ جو اهم سنگ ميل قرار ڏنو. پاڪ فوج پاڻ کان پنج ڀيرا وڌيڪ طاقتور ازلي دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏئي ثابت ڪيو ته ملڪ جو دفاع ناقابل تسخير آهي.