آزاد ڄمون ڪشمير جي وقتي صدر چوڌري لطيف اڪبر، جنرل آفيسر ڪمانڊنگ چنار ڊويزن سان گڏ يادگار شهداءِ تي جهنڊو ڦڙڪايو ۽ گلن جي چادر چاڙهي

مظفر آباد- 10 مئي (اي پي پي) يوم فتح معرڪه حق جي موقعي تي آزاد ڄمون ڪشمير جي وقتي صدر چوڌري لطيف اڪبر، جنرل آفيسر ڪمانڊنگ چنار ڊويزن سان گڏ يادگار شهداءِ ڇتر چوڪ مظفر آباد ۾ جهنڊو ڦڙڪايو ۽ يادگار شهداءِ تي گلن جي چادر چاڙهي. پاڪ فوج جي جوانن، يادگار شهداءِ تي سلامتي پيش ڪئي. ان موقعي تي منعقد تقريب ۾ يوم فتح معرڪه حق جي مناسبت سان …

مظفر آباد- 10 مئي (اي پي پي) يوم فتح معرڪه حق جي موقعي تي آزاد ڄمون ڪشمير جي وقتي صدر چوڌري لطيف اڪبر، جنرل آفيسر ڪمانڊنگ چنار ڊويزن سان گڏ يادگار شهداءِ ڇتر چوڪ مظفر آباد ۾ جهنڊو ڦڙڪايو ۽ يادگار شهداءِ تي گلن جي چادر چاڙهي. پاڪ فوج جي جوانن، يادگار شهداءِ تي سلامتي پيش ڪئي. ان موقعي تي منعقد تقريب ۾ يوم فتح معرڪه حق جي مناسبت سان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو پيغام به پڙهي ٻڌايو ويو. آزاد ڄمون ڪشمير جي چيف سيڪريٽري خوشحال خان، ٻين لاڳاپيل اختيارين سميت گرلز گائيڊ ايسوسيئيشن، بوائز اسڪائونس ايوسيئيشن، ريسڪيو 1122، پوليس ۽ شاگردن جو وڏو انگ موجود هو.