معرڪه حق ۾ پاڪستان جي يلغار، جنگي جنون ۾ مبتلا ڀارت جو غرور خاڪ ملائي تاريخي داستان لکيو ويو

اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) معرڪه حق ۾ پاڪستان جي شاندار فتح ۽ ڀارت کي شڪست ڏيڻ، تاريخ جو روشن باب آهي. 10 مئي 2025ع تي پاڪستان ڀارت جهڙي مڪار دشمن کي بنا جواز جارحيت ۽ مهم جوئي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو. تفصيل موجب پاڪستان جي عسڪري قيادت قومي خودمختياري ۽ مفاد جو دفاع ڪري دشمن کي سبق سيکاريو. ايئر فورس جي شاهينن ڏينهن جي روشني ۾ …

اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) معرڪه حق ۾ پاڪستان جي شاندار فتح ۽ ڀارت کي شڪست ڏيڻ، تاريخ جو روشن باب آهي. 10 مئي 2025ع تي پاڪستان ڀارت جهڙي مڪار دشمن کي بنا جواز جارحيت ۽ مهم جوئي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو. تفصيل موجب پاڪستان جي عسڪري قيادت قومي خودمختياري ۽ مفاد جو دفاع ڪري دشمن کي سبق سيکاريو. ايئر فورس جي شاهينن ڏينهن جي روشني ۾ ڀارتي فوجي پوسٽن کي مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ڪيو. سامونڊي سرحدن جي محافظ پاڪ نيوي جي تياري اڳيان دشمن سامونڊي محاذ کان اڳيان نه وڌي سگهيو. معرڪه حق ۾ پاڪ فوج پاڻ کان وڌيڪ طاقتور دشمن کي شڪست ڏئي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. عالمي ماهرن موجب پاڪستان جي جديد هٿيارن ۽ پيشوراڻي مهارت دشمن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو. آپريشن بنيان مرصوص ۾ پوري پاڪستاني قوم پاڪ فوج سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي شيهي جي ديوار بڻجي تاريخ قائم ڪئي.