گڏيل قومن ۾ پاڪستاني سفارتڪار صائمه سليم جو معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي خاص پيغام

اسلام آباد - 10 مئي (اي پي پي)  معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفارتڪار صائمه سليم پنهنجي خاص پيغام ۾ هٿياربند فوج کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو.  پاڪستان جي باهمت سفارتڪار صائمه سليم قوم جي مثالي اتحاد ۽ ثابت قدمي کي به سلام پيش ڪيو. صائمه سليم شاعري ذريعي قوم جي بهادري ۽ وطن جي دفاع کي عزم تي ٻڌل خاص پيغام ڏنو. …

اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي)  معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفارتڪار صائمه سليم پنهنجي خاص پيغام ۾ هٿياربند فوج کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو.  پاڪستان جي باهمت سفارتڪار صائمه سليم قوم جي مثالي اتحاد ۽ ثابت قدمي کي به سلام پيش ڪيو. صائمه سليم شاعري ذريعي قوم جي بهادري ۽ وطن جي دفاع کي عزم تي ٻڌل خاص پيغام ڏنو. حوصلي مند ۽ بهادر پاڪستاني سفارتڪار صائمه سليم چيو ته جڏهن باطل ڪوڙين دعوائن جي سهڪاري اڳيان وڌيو ته هڪ قوم پنهنجي عزت جي دروازي تي مضبوطي سان بيهي رهي. دشمن جي ڪوڙي بهادري اسان جي عزم سامهون ٽٽي وئي ۽ پاڪستان جو وقار دنيا سامهون بلند ٿيو. صائمه سليم چيو ته معرڪه حق هڪ اهڙو لمحو آهي جهن تاريخ جو رخ بدلائي ڇڏيو ۽ وطن جي حفاظت جو عهد بڻجي ويو. هن چيو ته پاڪستان جو عوام امن چاهي ٿو پر اتحاد، جرئت ۽ ايمان جي قوت سان گڏ پنهنجي عزت جي حفاظت به ڪرڻ ڄاڻي ٿو. هن چيو ته سائو ۽ اڇو جهنڊو هميشه بلند رهندو، قوم اتحاد، جرئت ۽ ايمان جي قوت سان پنهنجي وطن جي حفاظت ڪندي رهندي.

مزید خبریں