گڏيل قومن جي انتظام هيٺ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ”خاندانن جو عالمي ڏينهن“ 15 مئي تي ملهايو ويندو

اسلام آباد - 10 مئي (اي پي پي)گڏيل قومن جي انتظام هيٺ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ”خاندانن جو عالمي ڏينهن“ 15 مئي تي ملهايو ويندو. هلندڙ سال خاندان جو عالمي ڏينهن ”خاندان، اڻ برابري ۽ ٻارن جي سار سنڀال“ جي موضوع هيٺ ملهايو ويندو جنهن جو مقصد خانداني نظام جي بحالي، ٻارن جي ڀلائي ۽ اڻ برابري جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تي مربوط قدمن کي يقيني بڻائڻ آهي. …

اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي)گڏيل قومن جي انتظام هيٺ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ”خاندانن جو عالمي ڏينهن“ 15 مئي تي ملهايو ويندو. هلندڙ سال خاندان جو عالمي ڏينهن ”خاندان، اڻ برابري ۽ ٻارن جي سار سنڀال“ جي موضوع هيٺ ملهايو ويندو جنهن جو مقصد خانداني نظام جي بحالي، ٻارن جي ڀلائي ۽ اڻ برابري جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تي مربوط قدمن کي يقيني بڻائڻ آهي. واضح رهي ته 1993ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ان ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو هو جنهن کان پوءِ 1994ع کان سڄي دنيا ۾ هر سال اهو ڏينهن ملهايو ويندو آهي ته جيئن خاندانن جي اهميت ۽ انهن جي مرڪزي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ، خانداني لاڳاپن جي استحڪام ۽ جديد دور ۾ خانداني نظام کي درپيش مسئلن جي خاتمي لاءِ گڏيل جدوجهد ڪري سگهجي. خاندانن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ سرڪاري، خانگي ۽ سماجي ادارن جي انتظامن هيٺ مختلف پروگرامز ۽ تقريبون جو بندوبست ڪيو ويندو ته جيئن خاندان ۽ خانداني نظام جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ درپيش مسئلن جي خاتمي کي يقيني بڻائي سگهجي.

مزید خبریں