شڪارپور ۾ نماز دوران مسجد جي ڇِت ڪرڻ سبب 8 ڄڻا زخمي

شڪارپور- 09 مئي (اي پي پي) شڪارپور ۾ نماز دوران مسجد جي ڇِت ڪرڻ سبب 8 نمازي زخمي ٿي پيا. تفصيل مطابق اسٽور گنج ٿاڻي جي حد ميهر شاهه قُبو شڪارپور ڀرسان مسجد عرفات ۾ مغرب جي نماز دوران اوچتو ڇِت جا چاپڙ ڪرڻ سبب 8 نمازي زخمي ٿي پيا. زخمين کي فوري طور سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو ويو، جتي ايمرجنسي لاڳو ڪري کين طبي امداد ڏني پئي وڃي. …

شڪارپور- 09 مئي (اي پي پي) شڪارپور ۾ نماز دوران مسجد جي ڇِت ڪرڻ سبب 8 نمازي زخمي ٿي پيا. تفصيل مطابق اسٽور گنج ٿاڻي جي حد ميهر شاهه قُبو شڪارپور ڀرسان مسجد عرفات ۾ مغرب جي نماز دوران اوچتو ڇِت جا چاپڙ ڪرڻ سبب 8 نمازي زخمي ٿي پيا. زخمين کي فوري طور سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو ويو، جتي ايمرجنسي لاڳو ڪري کين طبي امداد ڏني پئي وڃي. واقعي جو اطلاع ملندي ئي سنڌ اسيمبلي ميمبر امتياز احمد شيخ، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو ۽ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور فياض محمود سول اسپتال پهچي زخمي نمازين جي عيادت ڪئي. سخت زخمين کي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جتي سندن علاج جاري آهي. اسپتال جي دوري دوران اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور ۽ ايس پي سٽي شڪارپور پڻ موجود هئا.

مزید خبریں