جنيوا- 09 مئي (اي پي پي) صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايچ او) چيو آهي ته هنٽا وائرس جي عام آبادي ۾ وسيع پيماني تي ڦهلاءُ جو خطرو انتهائي گهٽ آهي ۽ موجوده صورتحال کي ڪووڊ-19 جهڙي وبا سان ڀيٽي نه ٿو سگهجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊبليو ايچ او جي ترجمان ڪرسچن لنڊمائر جنيوا ۾ بريفنگ دوران چيو ته اهو ڪورونا وائرس ناهي ۽ ان جي ڦهلاءُ جي نوعيت ڪووڊ-19 …
هنٽا وائرس جي عام آبادي ۾ ڦهلاءُ جو خطرو انتهائي گهٽ آهي: صحت جو عالمي ادارو

مزید خبریں
جنيوا- 09 مئي (اي پي پي) صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايچ او) چيو آهي ته هنٽا وائرس جي عام آبادي ۾ وسيع پيماني تي ڦهلاءُ جو خطرو انتهائي گهٽ آهي ۽ موجوده صورتحال کي ڪووڊ-19 جهڙي وبا سان ڀيٽي نه ٿو سگهجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊبليو ايچ او جي ترجمان ڪرسچن لنڊمائر جنيوا ۾ بريفنگ دوران چيو ته اهو ڪورونا وائرس ناهي ۽ ان جي ڦهلاءُ جي نوعيت ڪووڊ-19 کان بلڪل مختلف آهي. هن ٻڌايو پيسيفڪ سمنڊ ۾ موجود ڪروز شپ ايم وي هونڊيئس تي وائرس جي ڦهلاءُ کانپوءِ صحت جي عالمي ادارو مختلف ملڪن سان گڏجي صورتحال جي نگراني ۽ ردعمل کي مربوط بڻائي رهيو آهي. ترجمان مطابق ڪيترن ئي ڪيسز ۾ هڪ ئي ڪيبن ۾ رهندڙ ماڻهو به هڪ ئي وقت متاثر ناهن ٿيا، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته وائرس انسان کان انسان ۾ ڪووڊ-19 وانگر منتقل ناهي ٿي رهيو. رپورٽس مطابق ڪروز شپ تي هن وقت تائين ٽي ماڻهو جڏهن ته ڪيترائي ٻيا بيمار ٿي چڪا آهن، جنهن کانپوءِ يورپ، آفريقا ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن تي ٻڌل عالمي سطح تي صحت جو هنگامي ردعمل شروع ڪيو ويو آهي.











