واشنگٽن- 09 مئي (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته روس ۽ يوڪرين وچ ۾ 9 کان 11 مئي تائين ٽن ڏينهن واري جنگ بندي هوندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان جو مقصد روس ۾ ٻئين مهاڀاري جنگ جي خاتمي جي ياد ملهائڻ آهي. ٽرمپ ٽروٿ سوشل تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته ان وقفي دوران هر قسم جي فوجي ڪارروائي معطل رهندي جڏهن ته ٻنهي ملڪن …
ڊونلڊ ٽرمپ پاران يوڪرين ۽ روس وچ ۾ ٽن ڏينهن واري جنگ بندي جو اعلان

مزید خبریں
واشنگٽن- 09 مئي (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته روس ۽ يوڪرين وچ ۾ 9 کان 11 مئي تائين ٽن ڏينهن واري جنگ بندي هوندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان جو مقصد روس ۾ ٻئين مهاڀاري جنگ جي خاتمي جي ياد ملهائڻ آهي. ٽرمپ ٽروٿ سوشل تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته ان وقفي دوران هر قسم جي فوجي ڪارروائي معطل رهندي جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ، هڪ هزار قيدين جي مٽا سٽا به شامل هوندي. هن جو چوڻ هو ته اميد آهي ته هڪ ڊگهي، موتمار ۽ سخت ويڙهه تي ٻڌل جنگ جي خاتمي جي شروعات هوندي. هن وڌيڪ چيو ته ان تڪرار جي خاتمي لاءِ ڳالهين ۾ مسلسل اڳڀرائي ٿي رهي آهي. روس 8 ۽ 9 مئي لاءِ جنگ بندي جو اعلان ڪيو هو. يوڪرين به پنهنجي پاران اڻڄايل مدي جي جنگ بندي جي تجويز پيش ڪئي آهي.











