واشنگٽن- 09 مئي (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي کاتي مطابق 14 ۽ 15 مئي تي واشنگٽن ڊي سي ۾ لبنان ۽ اسرائيل جي نمائندن وچ ۾ ڳالهيون ٿينديون جن جو مقصد پائيدار امن ۽ سلامتي لاءِ انتظامن کي قطعي شڪل ڏيڻ آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو ٻنهي ڌرين وچ ۾ تازين ڳالهين جو ٽيون دور هوندو. ان کان اڳ 14 ۽ 23 اپريل تي به ملاقاتون ٿي چڪيون آهن. پرڏيهي …
لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ ڳالهين جو ٽيون دور ايندڙ هفتي واشنگٽن ۾ ٿيندو: آمريڪي پرڏيهي کاتو

مزید خبریں
واشنگٽن- 09 مئي (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي کاتي مطابق 14 ۽ 15 مئي تي واشنگٽن ڊي سي ۾ لبنان ۽ اسرائيل جي نمائندن وچ ۾ ڳالهيون ٿينديون جن جو مقصد پائيدار امن ۽ سلامتي لاءِ انتظامن کي قطعي شڪل ڏيڻ آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو ٻنهي ڌرين وچ ۾ تازين ڳالهين جو ٽيون دور هوندو. ان کان اڳ 14 ۽ 23 اپريل تي به ملاقاتون ٿي چڪيون آهن. پرڏيهي کاتي هڪ بيان ۾ چيو ته ٻئي وفد تفصيلي ڳالهيون ڪندا جن جو مقصد هڪ اهڙي جامع امن ۽ سلامتي جي معاهدي کي اڳتي وڌائڻ آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي بنيادي خدشن کي عملي طور حل ڪري.











