اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) سينيٽ سنڌ ۾ غيرت جي نالي تي روبينه چانڊيو نالي نينگري جي قتل جو معاملو انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته حڪومت طرفان ان تي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي وئي آهي. سينيٽ ۾ سينيٽر نسيمه احسان اعتراض واري نقطي تي غيرت جي نالي تي قتل ٿيل ڇوڪري جو معاملو سينيٽ ۾ اٿاريندي چيو ته اهو انتهائي بي …
سينيٽ سنڌ ۾ غيرت جي نالي تي قتل جو معاملو انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) سينيٽ سنڌ ۾ غيرت جي نالي تي روبينه چانڊيو نالي نينگري جي قتل جو معاملو انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته حڪومت طرفان ان تي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي وئي آهي. سينيٽ ۾ سينيٽر نسيمه احسان اعتراض واري نقطي تي غيرت جي نالي تي قتل ٿيل ڇوڪري جو معاملو سينيٽ ۾ اٿاريندي چيو ته اهو انتهائي بي رحماڻو قدم آهي ته ماڻهن جي وڏي ميڙ ۾ هڪ ڇوڪري کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، ان وحشياڻي قتل ۾ ملوث ڏوهارين کي سرعام ڦاسي ڏني وڃي. پينل آف پرزائيڊنگ آَفيسرز جي ميمبر شيري رحمان اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته افسوس جو مقام آهي ته غيرت جي نالي تي قتل ۾ ملوث ماڻهن کي سزا ڏيڻ جي شرح سڄي ملڪ ۾ صرف 5 سيڪڙو آهي. صدر نشين معاملو انساني حقن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته اهو انتهائي افسوس جوڳو واقعو آهي ان جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. وفاقي حڪومت ان معاملي ۾ هر ممڪن سهڪار لاءِ تيار آهي.










