اسلام آباد - 21 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته عالمي امن جي قيام لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي تڪرارن جو حل اڻٽر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن امن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته پائيدار امن گڏيل قومن جي چارٽرڊ جي اصولن جي احترام ۽ ڳالهين ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو. پاڪستان عالمي …
عالمي امن جي قيام لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي تڪرارن جو حل اڻٽر آهي: سردار اياز صادق
اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته عالمي امن جي قيام لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي تڪرارن جو حل اڻٽر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن امن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته پائيدار امن گڏيل قومن جي چارٽرڊ جي اصولن جي احترام ۽ ڳالهين ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو. پاڪستان عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو، پاڪستان جا امن جٿا گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ امن کي هٿي وٺائڻ لاءِ مصروف عمل آهي. خطي ۾ پائيدار امن لاءِ سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن مطابق ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين جو حل ضروري آهي. هڪجهڙا حق، انصاف ۽ رواداري ۽ پائيدار امن جي قيام لاءِ اڻٽر آهن. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ عالمي امن لاءِ وڏي انساني ۽ معاشي قيمت ادا ڪئي آهي. امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پارليامان جو ڪردار نهايت اهميت رکي ٿو. هن چيو ته پارليامينٽ ڳالهين ۽ جمهوري قدرن کي هٿي وٺائڻ جو اثرائتو پليٽ فارم آهي. پائيدار امن لاءِ عالمي تعاون، رواداري ۽ گڏيل احترام کي هٿي ڏيڻي پوندي. هن چيو ته عالمي امن لاءِ قومن کي پنهنجا اختلاف ڳالهين ۽ بحثن ذريعي حل ڪرڻا پوندا.











