عوام جي حقن، جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي لاءِ بلاول ڀٽو زرداري جي جدوجهد ساراهه جوڳي آهي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سالگرهه تي دل جي گهراين سان مبارڪ ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جمهوريت، آئين ۽ عوام جي حقن لاءِ جدوجهد کي اڳتي وڌايو آهي، سندس سياسي جدوجهد عوامي خدمت ۽ جمهوري قدرن …

ڪراچي- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سالگرهه تي دل جي گهراين سان مبارڪ ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جمهوريت، آئين ۽ عوام جي حقن لاءِ جدوجهد کي اڳتي وڌايو آهي، سندس سياسي جدوجهد عوامي خدمت ۽ جمهوري قدرن سان واڳيل آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جو قومي جذبي ۽ عوامي امنگن جي ترجماني جو سفر جاري آهي. ڀٽو خاندان جون جمهوريت ۽ عوام لاءِ ڏنل قربانيون اسان جي تاريخ جو روشن باب آهن. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قربانين جي ورثي بلاول ڀٽو زرداري جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. پ پ پ چيئرمين پنهنجي خاندان جي جمهوري جدوجهد ۽ قربانين جو امين آهي. وڏي وزير چيو ته عوام جي حقن، جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي لاءِ بلاول ڀٽو زرداري جي جدوجهد ساراهه جوڳي آهي. هن نوجوان نسل جي روشن مستقبل ۽ مضبوط جمهوري پاڪستان جو عزم اڳتي وڌايو آهي. سيد مراد علي شاهه دعا ڪئي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي عوامي خدمت ۽ قومي سياست جي سفر ۾ وڌيڪ ڪاميابيون نصيب ٿين. رب العالمين کيس صحت، سلامتي ۽ ڊگهي ڄمار عطا فرمائي.