اسلام آباد- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي ۽ گڏيل قومن کي مرڪز بڻائي هڪ موثر ۽ جامع گهڻ رخي نظام جي لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو، هي ڏينهن اسان سڀني جي لاءِ هڪ اهم ياد ڏياري ٿو ته ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن …
پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي ۽ گڏيل قومن کي مرڪز بڻائي هڪ موثر ۽ جامع گهڻ رخي نظام جي لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو: اسحاق ڊار
اسلام آباد- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي ۽ گڏيل قومن کي مرڪز بڻائي هڪ موثر ۽ جامع گهڻ رخي نظام جي لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو، هي ڏينهن اسان سڀني جي لاءِ هڪ اهم ياد ڏياري ٿو ته ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن تي عمل ئي پائيدار امن حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار امن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها گڏيل قومن جي چارٽر کي برقرار رکندي عالمي قانون جي احترام ۽ تڪرارن جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي لاءِ پرامن ذريعن سان پنهنجي ذميواري پوري ڪري. نائب وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ فوجي دستا فراهم ڪندڙ هڪ ڊگهي عرصي کان سرگرم ۽ پهرين صف جي ملڪ جي طور تي عالمي امن ۽ سلامتي قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جو پائيدار عزم پختو آهي. هن چيو ته پاڪستان تڪرارن جي روڪٿام ۽ انهن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي هڪ جامع موقف جي حمايت جاري رکي آهي، تڪرارن جي پرامن حل جي حق ۾ اسان جون سفارتي ڪوششون جن ۾ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ثالثي به شامل آهي، انهي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته گذريل سال ڪائونسل جي صدارت دوران پاڪستان پاران پيش ڪيل گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قرارداد 2788 جو متفقه طور تي منظور ٿيڻ تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ مڪينزم کي مضبوط بڻائڻ جي ڪائونسل جي عزم جي هڪ اهم تصديق آهي. هن چيو ته پاڪستان جو موقف آهي ته غير حل ٿيل تڪرار علائقائي ۽ عالمي عدم استحڪام کي هوا ڏيندا رهن ٿا، پاڪستان اهو به سمجهي ٿو ته جڏهن قومن جي مڃيل خودمختياري جي حق کان انڪار ڪيو وڃي ۽ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد نه ڪيو وڃي ته پائيدار امن حاصل نه ٿو ڪري سگهجي، اها ڳالهه غيرملڪي قبضي جي صورتحال ۾ خاص طور تي واضح آهي جن ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ والاريل فلسطيني علائقا شامل آهن. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان پرامن ۽ خوشحال دنيا جي لاءِ گڏيل عزم کي اڳتي وڌائڻ ۾ هڪ قابل اعتماد حصيدار جي طور تي ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.











