ڪراچي- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٽنڊو الهيار ۾ ناقص کاڌو کائڻ سبب سوين ماڻهن جي طبيعت خراب ٿيڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ڪمشنر حيدرآباد کان واقعي بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڏي وزير جي ترجمان موجب وڏي وزير هدايت ڪئي ته متاثر ماڻهن کي فوري ۽ بهترين طبي امداد فراهم ڪئي وڃي ۽ …
سنڌ جي وڏي وزير ٽنڊو الهيار ۾ ناقص کاڌو کائڻ سبب سوين ماڻهن جي طبيعت خراب ٿيڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

مزید خبریں
ڪراچي- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٽنڊو الهيار ۾ ناقص کاڌو کائڻ سبب سوين ماڻهن جي طبيعت خراب ٿيڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ڪمشنر حيدرآباد کان واقعي بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڏي وزير جي ترجمان موجب وڏي وزير هدايت ڪئي ته متاثر ماڻهن کي فوري ۽ بهترين طبي امداد فراهم ڪئي وڃي ۽ سمورن لاڳاپيل اسپتالن ۾ ترت ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو ته متاثر ماڻهن جي علاج ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، جڏهن ته کين هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وڏي وزير انتظاميا کي هدايت ڪئي ته واقعي جي سببن جو فوري طور تعين ڪيو وڃي ۽ انتظاميا توڙي صحت کاتو متاثر ماڻهن جي مڪمل سار سنڀال يقيني بڻائين. سيد مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ڪمشنر حيدرآباد کي واقعي جي مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته واقعي جي ذميوارن جو تعين ڪري انهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. اي











