اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته بشري بي بي جو علاج جيل جي قاعدن ۽ ضابطن تحت ٿي رهيو آهي جڏهن وڌيڪ طبي سهولتن جي ضرورت آهي ته عدالت کان حڪم آندا وڃن، مڪمل سهولتون مهيا ڪنداسين، سندس علاج تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو. سينيٽ ۾ ڪجهه ميمبرن پاران بشريٰ بي بي جي خراب صحت جي حوالي سان اٿاريل …
بشري بي بي جو علاج جيل جي قاعدن ۽ ضابطن تحت ٿي رهيو آهي جڏهن وڌيڪ طبي سهولتن جي ضرورت آهي ته عدالت کان حڪم آندا وڃن، مڪمل سهولتون مهيا ڪنداسين: طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته بشري بي بي جو علاج جيل جي قاعدن ۽ ضابطن تحت ٿي رهيو آهي جڏهن وڌيڪ طبي سهولتن جي ضرورت آهي ته عدالت کان حڪم آندا وڃن، مڪمل سهولتون مهيا ڪنداسين، سندس علاج تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو. سينيٽ ۾ ڪجهه ميمبرن پاران بشريٰ بي بي جي خراب صحت جي حوالي سان اٿاريل اعتراض واري نقطن جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته حڪومت عورتن جي عزت ۽ احترام ڪري ٿي، بشريٰ بي بي جڊيشل ڪسٽڊي ۾ آهي قيدين جو علاج جيل مينوئل تحت ٿيندو آهي، بشريٰ بي بي کي جڏهن ميڊيڪل مسئلو ٿيو ته فوري علاج جي سهولت مهيا ڪئي وئي. سينيٽ ۾ مشعال يوسفزئي، فوزيه ارشد، همايون مهمند اهو معاملو اٿاريو ۽ تجويز ڏني ته سينيٽ جي عورت ميمبرن تي ٻڌل هڪ وفد اڊيالا جيل موڪليو وڃي جيڪو صورتحال جو جائزو وٺي.










