اسلام آباد- -08 مئي (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 38 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 70 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 28 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 28 هزار 200 ڪيوسڪ، …
درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- -08 مئي (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 38 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 70 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 28 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 28 هزار 200 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 83 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 83 هزار 500 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 31 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 34 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 15 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 7 هزار 500 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1457.36 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.250 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1161.25 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.177 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 644.50 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.126 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.










