اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان جنگ ۾ ڪاميابي سان گڏ امن جو به خواهشمند آهي، پاڪستان هميشه اهو موقف رکي ٿو ته امن کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ طرفان معرڪه حق جي تقريب ان ڳالهه جو دليل آهي ته معرڪه حق ۽ آپريشن بنيان مرصوص دوران سڄي قوم پنهنجي هٿياربند فوج …
پاڪستان جنگ ۾ ڪاميابي سان گڏ امن جو به خواهشمند آهي: وفاقي وزير عطا الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان جنگ ۾ ڪاميابي سان گڏ امن جو به خواهشمند آهي، پاڪستان هميشه اهو موقف رکي ٿو ته امن کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ طرفان معرڪه حق جي تقريب ان ڳالهه جو دليل آهي ته معرڪه حق ۽ آپريشن بنيان مرصوص دوران سڄي قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل هئي. اهڙو اظهار هن پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي انتظام هيٺ معرڪه حق جي فتح جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته گذريل سال معرڪه حق دوران قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي تقرير دوران واضح ڪيو هو ته اڄ اسان سياسي ورهاست کان آزاد آهيون، اڄ دشمن جي اکين ۾ اکيون وجهي جواب ڏيڻ جو وقت آهي، هن چيو ته ڪاميابي قومي اتحاد ۽ اتفاق سان ئي ملندي آهي، معرڪه حق دوران اهڙا منفرد ۽ تاريخي منظرسامهون آيا جن ۾ سرحد تي فوج جي جوانن سان شهري به ڊرون کي نشانو وٺندي ڏسڻ ۾ آيا. اهي منظر تاريخ ۾ محفوظ ٿي ويا آهن ۽ ان دوران سڄي قوم متحد ٿي بيٺل هئي. هن چيو ته بياني، سفارتي ۽ عسڪري محاذن تي الله تعاليٰ پاڪستاني قوم کي منفرد اعزاز ۽ فتح سان نوازيو آهي. رافيل جهاز ڪرڻ سان گڏوگڏ ڀارت جو غرور به مٽي ۾ ملي ويو آهي. هن چيو ته پاڪ فضائيه ۽ اسان جي ايئر ڊفينس سسٽم عالمي سطح تي پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي، اڄ سڄي دنيا ۾ پاڪ فضائيه جي واکاڻ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته دشمن کي اهڙو موثر جواب ڏنو ويو جو هو چئن ڪلاڪن ۾ گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿي ويو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي ويزن ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي جرئت، بهادري ۽ موثر جنگي حڪمت عملي سبب پاڪستان فتح ماڻي، دشمن فتح ميزائلن جا حملا برداشت نه ڪري سگهيو. هن چيو ته ڀارت جون وڏيون وڏيون دعوائون ڪندڙ ترجمان ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ ٽي وي اسڪرينن تي شڪست کاڌل ڏسڻ ۾ آيا، سندن منهن تي واضح آثار هئا ته اهي شڪست تسليم ڪري چڪا آهن. عطا الله تارڙ چيو ته پاڪستان جي منهن ٽوڙ جواب کانپوءِ ڀارت سيز فائر لاءِ منٿون شروع ڪري ڇڏيون. هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي اهڙي عزت عطا ڪئي آهي جو اڄ سڄي دنيا پاڪستان کي امن جي علامت طور ڏسي ٿي ۽ پاڪستان جو نالو احترام سان ورتو وڃي ٿو. هن چيو ته معرڪه حق ۾ فتح کانپوءِ اوورسيز پاڪستانين فخر سان پاڪستاني پاسپورٽ سان گڏ جنهن انداز ۾ خوشي جو اظهار ڪيو آهي، ماضي ۾ ان جو مثال نٿو ملي. هن چيو ته اهو سڄي قوم لاءِ فخر جو سبب ۽ اعزاز آهي ته هڪ سال ۾ پاڪستان نمايان مقام حاصل ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي دشمن کي وقت سر ۽ موثر جواب ڏنو جنهن جي اثرن مان ڀارت اڃان تائين ٻاهر نه نڪري سگهيو. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي عالمي سطح تي اڪيلائي جو شڪار آهي. وفاقي وزير چيو ته بياني جي جنگ اڪيلي نٿي وڙهي سگهجي، ان لاءِ بهترين ڪوآرڊينيشن جي ضرورت هوندي آهي، معرڪه حق دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر سان پل، پل رابطو هو، اسان عالمي ميڊيا تي وڃي پاڪستان جو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو، جڏهن ته مقامي صحافين ۽ ميڊيا هائوسز ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو جيڪو واکاڻ جوڳو ۽ تاريخي آهي. هن چيو ته پاڪستاني ميڊيا جو ڀارتي ميڊيا سان ڪا به ڀيٽ ناهي، ڀارتي ميڊيا رڳو ٿيٽر، نوٽنڪي يا ڪاميڊي شو جي شڪل اختيار ڪري وٺندو آهي. عطا الله تارڙ چيو ته ڀارتي ميڊيا لاهور ۽ ملتان جي بندرگاهن کي تباهه ڪرڻ جون بي بنياد دعوائون ڪيون جنهن سبب ڀارتي ميڊيا بري طرح بي نقاب ٿيو جڏهن ته پاڪستاني ميڊيا کي عالمي سطح تي ذميوار ۽ بالغ ميڊيا طور ساراهيو ويو. هن چيو ته جڏهن وطن جي ڳالهه ايندي آهي ته سمورا اختلاف هڪ پاسي تي هليا ويندا آهن ۽ صرف هڪ ئي نظريو رهجي ويندو آهي اهو پاڪستان جو نظريو آهي جنهن تي سڄي قوم متحد آهي. هن چيو ته معرڪه حق دوران پاڪستاني ميڊيا جو ڪردار سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته اسان جي نوجوان نسل ميمز ذريعي ان جنگ کي هڪ نئون رخ ڏنو، هن چيو ته جڏهن ڀارت پاڪستاني يوٽيوب چئنلز تي پابندي لاڳو ڪئي ته ان تي اسان کي خوشي ٿي ڇاڪاڻ ته هي ان ڳالهه جي نشاني هئي ته کين تڪليف پهچي رهي آهي. هن چيو ته اسان جي ٽيم تجويز ڏني ته اسان پنهنجا ملي نغما ۽ پاڪ فوج جا ترانا اشتهارن جي صورت ۾ ڀارت جي يوٽيوب چئنلز تي هلائينداسين، اسان اهڙو نظام جوڙيو جيڪو شام جي وقت سڄي ڀارت ۾ ملي نغما ۽ پاڪ فوج جا ترانا ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هئا جنهن تي اتي جي حڪومت تي به سوال اٿڻ شروع ٿي ويا ته سندن اطلاعات واري وزارت ڪٿي آهي ۽ هي سڀ ڇا ٿي رهيو آهي. هن چيو ته انهي دوران اسان جي نوجوان نسل ميمز ذريعي ان جنگ کي هڪ نئون رخ ڏنو. هن چيو ته سڄي قو، جنريشن زي، سوشل ميڊيا صارفين، صحافين، ميڊيا هائوسز، وڪيلن، انجينئرز ۽ ڊاڪٽرن سڀني پنهنجي پنهنجي انداز ۾ بياني جي محاذ تي ڪردار ادا ڪيو. هر شخص پنهنجي سگهه موجب ان ۾ حصو وڌو. وفاقي وزير چيو ته هٿياربند فوج جهڙي ريت اها جنگ وڙهي ان پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان کي ان جا مثبت نتيجا حاصل ٿي رهيا آهن. عطا الله تارڙ چيو ته پاڪستان 27 هين رمضان جي رات وجود ۾ آيو، هي ملڪ الله تعاليٰ جو عظيم انعام آهي. جنگ دوران سڄي قوم عملي طور عوام ۽ هٿياربند فوج وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڏٺو، الله تعاليٰ جي قدرت سان دشمن جو تڪبر ۽ غرور ڪجهه ڪلاڪن ۾ مٽي ۾ ملي ويو. هي ڏينهن الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪرڻ جو ڏينهن آهي، پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي، پاڪستان جنگ ۾ ڪاميابي سان گڏ امن جو خواهشمند به آهي. اهڙا مثال دنيا ۾ تمام گهٽ ملن ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي قيام وقت جن ماڻهن نظريه پاڪستان تي يقين رکندي جدوجهد ڪئي، اهي هڪ جذبو ۽ جنون سان اڳتي وڌيا ۽ اڄ انهن جون قربانيون رنگ آڻي رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جو هميشه اهو موقف رهيو آهي ته امن کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي، پاڪستان امن جو خواهشمند آهي جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته ڀرپور ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف طرفان پهلگام واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ جي آڇ هڪ مثبت ۽ سنجيده قدم هو، ڀارت دهشتگردي کي هٿي ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان دهشتگردي خلاف پهرين قطار ۾ وڙهي رهيو آهي. پاڪستان اڀي نندن کي گرفتاري بعد خير سگالي تحت واپس ڪيو جنهن تي ان کي ڀارت ۾ ايوارڊ ڏنو ويو، ڪو به غيرتمند ماڻهو اهڙي طرح جو ايوارڊ نٿو وٺي. هن چيو ته دهشتگردي ڀارت جو اندروني معاملو آهي جڏهن ته ڀارت ان کي ٻاهريون مسئلو قرار ڏي ٿو، جڏهن ته ڪشمير تڪرار عالمي تڪرار آهي جنهن کي ڀارت داخلي معاملو قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جڏهن ڪنهن به رياست کي ڏيهي ۽ پرڏيهي فرق جي خبر نه پوي ته شڪست سندس مقدر بڻجي ٿي. هن چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي جرئتمنداڻي قيادت ۾ جنهن انداز سان پاڪ فوج ڪردار ادا ڪيو اهو ساراهه جوڳو آهي، اهڙي طرح ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ سندس ٽيم پيشيوراڻي مهارت جو مظآهرو ڪيو، ايڊمرل نويد اشرف جي قيادت ۾ پاڪ بحريه مڪمل طور تي تيار ۽ چوڪس رهي. نيوي هر قسم جي امڪاني چئلينجز جو موثر جواب ڏيڻ لاءِ تيار هئي. هن چيو ته حق جي ويڙهه جي اها تقريب هڪ مثبت رويت آهي جنهن کي جاري رهڻ گهرجي. هن چيو ته حق جي ويڙهه ۾ فتح اسان لاءِ فخر، اتحاد ۽ اتفاق جي نشاني آهي، هن ڏينهن سمورا پاڪستاني سياسي واسبتگين کان مٿانهون ٿي پهرين قطار ۾ نظر اچن ٿا جيڪو ساراهه جوڳو آهي،تقريب جي پڄاڻي تي ڪيڪ به ڪٽيو ويو.










