اسلام آباد – 08 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ريڊڪراس ۽ ريڊڪريسنٽ جي عالمي جي موقعي تي هلندڙ سال جي عالمي ٿيم ”انسانيت لاءِ متحد“ کي انسان دوستي، همدردي ۽ عالمي يڪجهتي جو موثر پيغام قرار ڏنو آهي. پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته هن وقت دنيا کي جنگين، قدرتي آفتن، انساني بحرانن ۽ ماحولياتي چيلنجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اهڙين حالتن …
ريڊ ڪراس ۽ ريڊڪريسنٽ جي عالمي ڏينهن جو ٿيم انسان دوستي، همدردي ۽ يڪجهتي جو موثر پيغام آهي: سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
اسلام آباد – 08 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ريڊڪراس ۽ ريڊڪريسنٽ جي عالمي جي موقعي تي هلندڙ سال جي عالمي ٿيم ”انسانيت لاءِ متحد“ کي انسان دوستي، همدردي ۽ عالمي يڪجهتي جو موثر پيغام قرار ڏنو آهي. پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته هن وقت دنيا کي جنگين، قدرتي آفتن، انساني بحرانن ۽ ماحولياتي چيلنجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اهڙين حالتن ۾ انسانيت لاءِ متحد ٿي ڪم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته ريڊ ڪراس ۽ ريڊ ڪريسنٽ جو عالمي ڏينهن اسانکي اهو احساس ڏياري ٿو ته ڏکويل انسانيت جي خدمت، جانين جو تحفظ ۽ ضرورتمند ماڻهن جي مدد گڏيل انساني ذميواري آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته سڄي دنيا ۾ انساني خدمتون انجام ڏيندڙ رضاڪار، طبي ڪارڪن ۽ امدادي ادارا انسانيت جي حقيقي اميد آهن جيڪي ڏکين حالتن ۾ به خدمت، قرباني ۽ ايثار جي روشن مثال قائم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان انسان دوستي، گڏيل احترام ۽ عالمي سهڪار جي اصولن تي يقين رکي ٿو ۽ انساني ڀلائي لاءِ هر هاڪاري ڪوشش جي حمايت جاري رکندو. سينيٽ چيئرمين عالمي برادري تي زور ڀريو ته انساني جانين جي تحفظ، امن، رواداري ۽ گڏيل سهڪار کي هٿي ڏئي گڏيل قدم کنيا وڃن ته جيئن دنيا کي وڌيڪ محفوظ ۽ انسان دوست بڻائي سگهجي.










