مڪو شريف – 08 مئي (اي پي پي) پاڪستاني حج مشن جي ”لوسٽ اينڊ فائونڊ سيل“ ايمانداري ۽ فرض شناسي جو اعليٰ مثال قائم ڪندي هڪ پاڪستاني حج پانڌيئڙي جي گم ٿيل رقم ۽ بيلٽ ڳولي سندس حوالي ڪري ڇڏيو. مڪي شريف ۾ ”لوسٽ اينڊ فائونڊ“ جي شفٽ انچارج راڻا مجاهد ٻڌايو ته لاهور سان تعلق رکندڙ حج پانڌيئڙي عثمان شاهد جيڪو سعودي ايئيلائن جي اڏام ذريعي جده پهتو هو، …
پاڪستاني حج مشن جي وڏي ڪاميابي، جده ايئرپورٽ تي گم ٿيل 4308 ريال حج پانڌيئڙي کي حفاظت سان واپس موٽايا ويا

مزید خبریں
مڪو شريف – 08 مئي (اي پي پي) پاڪستاني حج مشن جي ”لوسٽ اينڊ فائونڊ سيل“ ايمانداري ۽ فرض شناسي جو اعليٰ مثال قائم ڪندي هڪ پاڪستاني حج پانڌيئڙي جي گم ٿيل رقم ۽ بيلٽ ڳولي سندس حوالي ڪري ڇڏيو. مڪي شريف ۾ ”لوسٽ اينڊ فائونڊ“ جي شفٽ انچارج راڻا مجاهد ٻڌايو ته لاهور سان تعلق رکندڙ حج پانڌيئڙي عثمان شاهد جيڪو سعودي ايئيلائن جي اڏام ذريعي جده پهتو هو، سندس احرام وارو بيلٽ ايئرپورٽ تي ڪٿي ڪري پيو. ان بيلٽ ۾ 4308 سعودي ريال (اٽڪل سوا ٽي لک پاڪستاني روپيا) موجود هئا. راڻا مجاهد مطابق جده ايئرپورٽ تي مقرر پاڪستاني حج مشن جي ٽيم انچارج حيدر علي کي اهو بيلٽ مليو جنهن ۾ ڪو سڃاڻپ ڪارڊ يا نالو موجود نه هو جنهن ذريعي مالڪ جو پتو لڳي سگهي پر امانت کي حفاظت سان مڪي شريف پهچايو ويو. ٻئي پاسي حج پانڌيئڙي عثمان شاهد مڪي شريف پهچي پنهنجي بيلٽ جي گم ٿيڻ جي رپورٽ داخل ڪرائي. شفٽ انچارج ٻڌايو ته حج پانڌيئڙي جي نشانين، رقم جي صحيع ماليت ۽ ٻي تفصيل جي مڪمل تصديق ۽ تسلي ڪرڻ بعد اڄ مڪي شريف کيس سڌائي سندس امانت (رقم ۽ بيلٽ) باقاعده طور سندس حوالي ڪئي وئي. هن حج پانڌيئڙن کي صلاح ڏني ته هو پنهنجن شين جي حفاظت ڪن ۽ ڪنهن به گمشدگي جي صورت ۾ فوري طور ويجهي ”لوسٽ اينڊ فائونڊ سيل“ سان رابطو ڪن.











