پاڪستان پاران گڏيل قومن ۾ جنگي حالتن ۾ طبي تحفظ لاءِ قدمن جي تجويز

گڏيل قومون – 08 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي هڪ غير رسمي اجلاس ۾ پاڪستان هٿياربند تڪرارن دوران طبي سهولتن ۽ عملي جي تحفظ لاءِ ڪيترن ئي اهم قدمن جي تجويز پيش ڪئي آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائنده صائمه سليم چيو ته جنگين ۽ تڪرارن جو حل گڏيل قومن جي چارٽر مطابق پرامن طريقي سان ڪڍڻ گهرجي ته انساني جانين کي تحفظ ملي …

گڏيل قومون – 08 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي هڪ غير رسمي اجلاس ۾ پاڪستان هٿياربند تڪرارن دوران طبي سهولتن ۽ عملي جي تحفظ لاءِ ڪيترن ئي اهم قدمن جي تجويز پيش ڪئي آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائنده صائمه سليم چيو ته جنگين ۽ تڪرارن جو حل گڏيل قومن جي چارٽر مطابق پرامن طريقي سان ڪڍڻ گهرجي ته انساني جانين کي تحفظ ملي سگهي. هن چيو ته اسپتالن کي علاج جو مرڪز رهڻ گهرجي نه ته حملن جو نشانو، ڊاڪٽرز ۽ نرسن کي زندگيون بچائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، چاهي پنهنجي جان خطري ۾ وجهڻي پوي. اهو اجلاس سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءُ 2286 جي ڏهين ساگره جي موقعي تي منعقد ٿيو جنهن ۾ زخمين، طبي عملي ۽ اسپتالن جي تحفظ تي زور ڀريو ويو هو. پاڪستاني نمائنده چيو ته موجوده دور ۾ به تڪرارن جي علائقن ۾ صحت جي نظام تي حملا جاري آهن جنهن سبب سموري صحت جي ڍانچي جي تباهه ٿيڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو. هن چيو ته اسپتالن ۽ طبي مرڪزن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ جنگي ڏوهه آهي ۽ ان تي خاموشي يا عدم ڪارروائي قبول جوڳي ناهي. اجلاس ۾ اهو به چيو ويو ته سائبر حملا ۽ طبي ڊيٽا جو غلط استعمال به شهرين جي زندگين لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو ان ڪري ان حوالي سان به عالمي سطح تي سخت قدمن جي ضرورت آهي.

مزید خبریں