اتر ڪوريا-07 مئي (اي پي پي) اتر ڪوريا اعلان ڪيو آهي ته هو ايٽمي هٿيارن بابت ڪنهن معاهدي جو پابند نه ٿيندو ۽ ڪنهن به ٻاهرين دٻاءَ سان ان جي ايٽمي هٿيار رکندڙ رياست جي حيثيت تبديل نه ٿيندي. گڏيل قومن ۾ اتر ڪوريا جي صلاحڪار ڪم سونگ طرفان هڪ اهڙي وقت جاري ڪيل جائزو وٺڻ لاءِ منعقد (اين پي ٽي ) آهي جڏهن آمريڪا ۽ ٻيا ملڪ ايٽمي عدم پکيڙ جو معاهدو گڏيل …
ايٽمي هٿيارن بابت ڪنهن معاهدي جا پابند ناهيون: اتر ڪوريا

مزید خبریں
اتر ڪوريا-07 مئي (اي پي پي) اتر ڪوريا اعلان ڪيو آهي ته هو ايٽمي هٿيارن بابت ڪنهن معاهدي جو پابند نه ٿيندو ۽ ڪنهن به ٻاهرين دٻاءَ سان ان جي ايٽمي هٿيار رکندڙ رياست جي حيثيت تبديل نه ٿيندي. گڏيل قومن ۾ اتر ڪوريا جي صلاحڪار ڪم سونگ طرفان هڪ اهڙي وقت جاري ڪيل جائزو وٺڻ لاءِ منعقد (اين پي ٽي ) آهي جڏهن آمريڪا ۽ ٻيا ملڪ ايٽمي عدم پکيڙ جو معاهدو گڏيل قومن جي ڪانفرنس ۾ اتر ڪوريا جي ايٽمي پروگرام تي تنقيد ڪئي . اتر ڪوريا 2003ع ۾ اين پي ٽي کان ڌار ٿيو ان بعد هن 6 ايٽمي تجربا ڪيا آهن. خيال ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اتر ڪوريا وٽ درجن کن ايٽمي وار هيڊز موجود آهن. ڪم سونگ چيو ته هن وقت گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ جاري 11 هين اين پي ٽي جائزه ڪانفرنس ۾، آمريڪا ۽ ڪجهه ٻيا ملڪ اتر ڪوريا جي موجوده ايٽمي حيثيت ۽ خودمختياري جي حقن تي سوال اٿاري رهيا آهن پر اتر ڪوريا جي اها حيثيت ٻاهرين بيان بازي يا هڪ طرفين خواهشن جي بنياد تي تبديل نه ٿيندي. هن واضع ڪيو ته اتر ڪوريا ڪنهن به صورت ۾ ايٽمي عدم پکيڙ جي معاهدي جو پابند نه هوندو ڇو ته اتر ڪوريا جي ان حيثيت کي ملڪي آئين ۾ شامل ڪيو ويو آهي.











