لاهور- 04 مئي (اي پي پي) لاهور ۾ منعقد ٿيل فائينل ميچ دوران ڪرڪيٽ جي شوقينن مثالي نظم و ضبط ۽ ڀرپور جوش ۽ جذبي جو مظاهرو ڪيو. جنهن تي محسن نقوي شهر جي عوام کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن جو چوڻ هو ته ميچ دوران تماشائن جو رويو نهايت شاندار رهيو ۽ هنن راند جو ڀرپور انداز ۾ مزو ورتو. پي سي بي چيئرمين پنهنجي جاري بيان ۾ …
پي ايس ايل فائينل ميچ ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن پاران مثالي نظم ۽ ضبط ڪرڻ تي محسن نقوي پاران خراج تحسين پيش
لاهور- 04 مئي (اي پي پي) لاهور ۾ منعقد ٿيل فائينل ميچ دوران ڪرڪيٽ جي شوقينن مثالي نظم و ضبط ۽ ڀرپور جوش ۽ جذبي جو مظاهرو ڪيو. جنهن تي محسن نقوي شهر جي عوام کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن جو چوڻ هو ته ميچ دوران تماشائن جو رويو نهايت شاندار رهيو ۽ هنن راند جو ڀرپور انداز ۾ مزو ورتو. پي سي بي چيئرمين پنهنجي جاري بيان ۾ چيو ته لاهور جي شهرين هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو آهي ته هو ڪرڪيٽ سان تمام گهڻو دلي لڳاءَ رکن ٿا. قذافي اسٽيڊيم ۾ موجود شوقينن جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ جهڙو هو، جن ٻنهي ٽيمن کي دل کولي داد ڏنو. محسن نقوي چيو ته زنده دلين جي شهر لاهور جي ڪرڪيٽ سان محبت کيس بيحد متاثر ڪيو آهي، ۽ اهڙي ريت جي هاڪاري ۽ جوش ڀرئي ماحول سان پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي وٺائڻ ۾ تمام گهڻي سگهه ملي ٿي.












