اسلام آباد-04 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پشاور زلمي کي پاڪستان سپر ليگ جي 11 هين ايڊيشن جو فائنل کٽڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ۽ ڪرڪيٽ بورڊ جي انتظاميه کي ٽورنامينٽ شاندار نموني منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن ۽ چيو آهي ته پشاور زلمي شاندار راند جو مظاهرو ڪندي، ٽيم ورڪ ۽ جذبي سان ڪاميابي حاصل ڪئي. اها فتح رانديگرن جي محنت نظم و ضبط ۽ پيشيوراڻي مهارت جو ثبوت …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پشاور زلمي کي مبارڪون
اسلام آباد-04 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پشاور زلمي کي پاڪستان سپر ليگ جي 11 هين ايڊيشن جو فائنل کٽڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ۽ ڪرڪيٽ بورڊ جي انتظاميه کي ٽورنامينٽ شاندار نموني منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن ۽ چيو آهي ته پشاور زلمي شاندار راند جو مظاهرو ڪندي، ٽيم ورڪ ۽ جذبي سان ڪاميابي حاصل ڪئي. اها فتح رانديگرن جي محنت نظم و ضبط ۽ پيشيوراڻي مهارت جو ثبوت آهي. پشاور زلمي جي ڪاميابي نوجوان رانديگرن جي محنت جو نتيجو آهي. رانديگرن جي مستقل مزاجي ۽ بهترين ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي. اسپيڪر پشاور زلمي جي رانديگرن، پي سي بي جي مينيجمينٽ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ ۽ ٽيلينٽ جي نرسري طور تي پي ايس ايل جو ڪردار نهايت اهم آهي. اسپيڪر پي ايس ايل جي سمورين ٽيمن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي نوجوانن سمورن شعبن ۾ پنهنجي ڀرپور صلاحيتن کي مڃرايو. هن ٽيم مينيجمينٽ، ڪوچنگ اسٽاف ۽ سپورٽ اسٽاف کي شاندار انتظام ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو.












