وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران سي پي اين اي جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون

لاهور-02 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آزاد، ذميوار ۽ باخبر ميڊيا جمهوري معاشري جو بنيادي ٿنڀ آهي، حڪومت صحافت جي آزادي کي هٿي وٺرائڻ ۽ ميڊيا جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن تعاون جاري رکندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اهڙو اظهار هن سي پي اين اي جي نون چونڊيل عهديدارن جي نالي مبارڪن واري پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم سي پي …

لاهور-02 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آزاد، ذميوار ۽ باخبر ميڊيا جمهوري معاشري جو بنيادي ٿنڀ آهي، حڪومت صحافت جي آزادي کي هٿي وٺرائڻ ۽ ميڊيا جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن تعاون جاري رکندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اهڙو اظهار هن سي پي اين اي جي نون چونڊيل عهديدارن جي نالي مبارڪن واري پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم سي پي اين اي جي نئين چونڊيل صدر ڪاظم خان، سيڪريٽري جنرل غلام نبي چانڊيو، سينئر نائب صدر اياز خان، نائب صدرن شڪيل احمد ترابي ۽ انور ساجدي، اطلاعات واري سيڪٽري منزه سهام سميت ٻين عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون ۽ سندن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته آزاد، ذميوار ۽ باخبر ميڊيا جمهوري معاشري جو بنيادي ٿنڀ آهي، اميد آهي ته سي پي اين اي جي نئين قيادت صحافتي قدرن کي هٿي وٺرائڻ، حقيقتن تي ٻڌل رپورٽنگ ۽ قومي مفاد جي تحفظ ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت صحافت جي آزادي کي هٿي وٺرائڻ ۽ ميڊيا جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن تعاون جاري رکندي.