اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني معاشري ۾ رواداري، هم آهنگي ۽ گڏيل احترام کي هٿي ڏيڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورتن تي زور ڀريندي چيو آهي ته چڙ ڏياريندڙ تقريرون، سماجي يڪجهتي، جمهوري قدرن ۽ گڏيل پُرامن بقا کي نقصان پهچائين ٿيون، ملڪ ۾ ورڇ ۽ نفرت کي هٿي ڏيڻ وارن بيانن جي حوصله شڪني جڏهن ته هاڪاري، تعميري ۽ بامعنيٰ ڳالهين کي …
معاشري ۾ رواداري، هم آهنگي ۽ گڏيل احترام کي هٿي ڏيڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي: سينيٽ چيئرمين

مزید خبریں
اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني معاشري ۾ رواداري، هم آهنگي ۽ گڏيل احترام کي هٿي ڏيڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورتن تي زور ڀريندي چيو آهي ته چڙ ڏياريندڙ تقريرون، سماجي يڪجهتي، جمهوري قدرن ۽ گڏيل پُرامن بقا کي نقصان پهچائين ٿيون، ملڪ ۾ ورڇ ۽ نفرت کي هٿي ڏيڻ وارن بيانن جي حوصله شڪني جڏهن ته هاڪاري، تعميري ۽ بامعنيٰ ڳالهين کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. ”چِڙ ڏياريندڙ بيانن جي روڪٿام جي عالمي ڏينهن“ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان جدت، بين المذاهب هم آهنگي ۽ سمورين برادرين جي احترام تي يقين رکي ٿي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسلام جي تعليم نفرت، تعصب ۽ فرق کي رد ڪري ٿي ۽ امن، همدردي، برداشت ۽ انسانيت جي احترام جو درس ڏئي ٿي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پارليامينٽرينز، ميڊيا، تعليمي ادارن ۽ سول سوسائٽيءَ تي اها ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ته هو ورڇ ۽ نفرت کي هٿي ڏيڻ وارن بيانن جي حوصله شڪني ڪن ۽ هاڪاري، تعميري ۽ بامقصد ڳالهين کي هٿي ڏين. هن غلط ڄاڻ ۽ نفرت تي ٻَڌل مواد جي تدارڪ لاءِ ڊجيٽل ۽ سوشل ميڊيا جي ذميداراڻي استعمال جي اهيمت تي پڻ زور ڀريو. سينيٽ چيئرمين پاڪستان جي سينيٽ جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته هو قومي يڪجهتي، شموليت، رواداري ۽ جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندي. هن شهرين تي زور ڀريو ته هو عدم برداشت ۽ نفرت کي رد ڪندي هڪ پُرامن، باوقار ۽ گڏيل احترام تي ٻَڌل معاشري جي قيام لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪن.










