اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته زراعت ۽ صنعت جي پائيدار ترقي حڪومت جي اقتصادي پاليسيءَ جو بنيادي ٿنڀ آهي، پاليسي سازي ۾ ڀائيوارن سان صلاح مشوري کي خاص اهميت حاصل آهي. ناڻي وزارت مان جاري بيان موجب هن اها ڳالهه خميس ڏينهن هتي پاڪستان ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن جي هڪ وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي اڳواڻي …
زراعت ۽ صنعت جي پائيدار ترقي حڪومت جي اقتصادي پاليسيءَ جو بنيادي ٿنڀ آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته زراعت ۽ صنعت جي پائيدار ترقي حڪومت جي اقتصادي پاليسيءَ جو بنيادي ٿنڀ آهي، پاليسي سازي ۾ ڀائيوارن سان صلاح مشوري کي خاص اهميت حاصل آهي. ناڻي وزارت مان جاري بيان موجب هن اها ڳالهه خميس ڏينهن هتي پاڪستان ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن جي هڪ وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي اڳواڻي چيئرمين شم لال منگلاڻي ڪري رهيو هو. ملاقات جو مقصد ڪپهه جي شعبي بابت مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ ان صنعت کي معيشت ۾ ڀائيواري، روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ ۽ ٻهراڙي روزگار ۾ واڌ لاءِ اثرائتي قدمن تي غور ڪرڻ هو. وفد ۾ ايسوسيئيشن جو سينيئر وائيس چيئرمين شيخ فياض احمد، اڳوڻو چيئرمين سهيل محمود، چوڌري وحيد ارشد ۽ مختار بلوچ پڻ شامل هئا. اجلاس دوران ڪپهه جي پوري ويليو چين جي موجوده صورتحال، آبادگارن ۽ جنرز کي درپيش مسئلن ۽ پيداوار، سيڙپڪاري ۽ پائيداريءَ ۾ بهتري آڻڻ وارين پاليسي قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پي سي جي اي جي نمائندن ڪپهه کي هڪ اهم فصل ۽ پاڪستان جي ٽيڪسٽائل صنعت جي بنيادي ڪچي مال طور ان جي اسٽريٽجڪ اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته هي شعبو ٻهراڙي روزگار جي فراهمي، ذيلي صنعتن جي ترقي، روانگي واپار ۾ واڌ ۽ درآمدي ڪپهه تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. وفد ٽيڪس، دستاويزي نظام ۽ ان شعبي ۾ رسمي معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ بابت تجويزون پڻ پيش ڪيون. ناڻي واري وزير ڪپهه جي صنعت جي قومي معيشت ۾ اهميت کي تسليم ڪندي حڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پيداواري شعبن لاءِ سازگار ڪاروباري ماحول فراهم ڪيو ويندو. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت ٽيڪس نيٽ ۾ واڌ ڪرڻ، شفافيت وڌائڻ ۽ ذميدار ڪاروباري ادارن لاءِ هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، پاليسي قدمن جو مقصد معاشي سرگرمين، سيڙپڪاري ۽ روزگار جي نون موقعن کي هٿي ڏيڻ آهي. هن خاطري ڪرائي ته پي سي جي اي طرفان پيش ڪيل تجويزن جو لاڳاپيل ادارن جي سطح تي تفصيلي جائزو ورتو ويندو. اجلاس ۾ ڪپهه جي پوري نظام کي مضبوط بنائڻ، چٽاڀيٽي ۾ واڌ، ويليو ايڊيشن کي هٿي ڏيڻ ۽ سپلاءِ چين ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي ضرورت تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ڌُرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته حڪومت ۽ صنعت وچ ۾ مسلسل رابطا اڻٽر آهن ته جيئن عملي ۽ جٽادار حل تلاش ڪري سگهجن، جيڪي ڪپهه جي شعبي جي بحالي ۽ ترقيءَ ۾ مددگار ثابت ٿين. ناڻي واري وزير وفد جي تعميري مشورن کي ساراهيندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت صنعت جي نمائندن سان ويجهو سهڪار جاري رکندي ته جيئن ملڪ ۾ پائيدار اقتصادي ترقي، روانگي واپار ۾ واڌ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪري سگهجن.










